رائو انوار جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست ٻيهر داخل ڪئي وڃي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ لاءِ نظرثاني جي درخواست  عدالتي فيصلي سان ٻيهر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ اڳوڻي ايس ايس پي ملير ڪراچي رائو انوار جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. رائو انوار جي وڪيل ملڪ نعيم اقبال موقف اختيار ڪيو ته نقيب الله محسود جي قتل جو نوٽيس عدالت ورتو هو،  رائو انوار عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ کيس ضمانت ڏني پر پوءِ رائو انوار جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو هو. جسٽس عمر عطا بنديال رائو انوار جي وڪيل سان ڳالهائيندي رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان چئو ٿا ته  ضمانت تي آهيو ته نالو اي سي ايل مان نه ڪڍيو وڃي، اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جو هڪ طريقو آهي،  توهان پوليس آفيسر آهيو ته پرڏيهه ڇو ٿا وڃڻ چاهيو، ڇا توهان جو پرڏيهه ۾ ڪو ڪاروبار آهي. ملڪ نعيم اقبال چيو ته سندس اصيل جو خاندان پرڏيهه ۾ آهي،  کيس ڪٽنب سان ملڻ لاءِ وڃڻو آهي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڇا رائو انوار تي ڪا ٻي ايف آءِ آر يا جاچ هلي رهي آهي؟ ملڪ نعيم اقبال چيو ته 444 ماڻهن جي عدالت کان مٿڀري قتل بابت گهڻيون شيون هلي رهيون آهن. جسٽس فيصل عرب چيو ته اخبارن ۾ ته هلي رهيو آهي ته رائو انوار تي وڌيڪ انڪوائريون هلي رهيون آهن جنهن تي نقيب الله جي والد فيصل صديقي چيو ته رائو انوار خلاف نيب ۾ اثاثن بابت جاچ هلي رهي آهي، جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اهڙي نوعيت جا ته ڪهڙا ڪيس آهن، اسان هن ڪيس کي نه ڏسي رهيا آهيون. سپريم ڪورٽ رائو انوار جي نظرثاني درخواست عدالتي فيصلي سان ٻيهر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like