سپريم ڪورٽ سرحدن علائقن بابت هدايت ڪري ڇڏي…..

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته پاڪستاني حدن جي اندر پاڪ ڀارت سرحد جي ڀروارن علائقن کي بفرزون قرار ڏيو جيئن هتي زمين جي جي خريداري جي حوصلاشڪني ٿئي.

وقتي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ بارڊر ايريا سيڪيورٽي ڪمپني جي اپيلن ۽ سرحدي علائقن ۾ پلاٽ جي الاٽمنٽ رد ٿيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران وقتي چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته ڀارت ۾ سرحد کان 20 ميلن تائين جو علائقو ڪنهن عام شهري کي الاٽ نٿو ڪري سگهجي پر پاڪستان ۾ ماڻهو بارڊر جي ڀرسان وڃي آبادڪاري ڪندا آهن.

هن ريمارڪس ڏنا ته سرحد ڀرسان علائقا هميشح حساس هوندا آهن ۽ هتي ماڻهن کي رهڻ جي اجازت ڏيڻ سان ملڪي سلامتي کي خطرا لاڳو ٿي سگهن ٿا.

جسٽس گلزار احمد اٽارني جنرل انور منصور کي مخاطب ڪندي چيو ته پاڪستان کي پنهنجي سرحد جي اندر هڪ سئو 2 ڪلو ميٽر تائين جي علائقي کي بفرزون قرار ڏيڻ گهرجي.

اٽارني جنرل عدالت کي خاطري ڪرائي ته هو ان معاملي ۾ لاڳاپيل اختيارين سان ڳالهيون ڪندو.

جسٽس گلزار احمد واضح ڪيو ته سرحدي علائقي ۾ رهڻ جو حق ڪنهن وٽ ناهي، سپريم ڪورٽ ڪنهن به وقت ان زخمين کي خالي ڪرائي سگهي ٿي.

جسٽس گلزار احمد درخواستگذارن کان پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ  جنگ ٿئي ٿي ته هو ان صورت ۾ ڇا ڪندا جنهن تي بارڊر ايريا جي هڪ رهواسي عدالت کي ٻڌايو ته هو ڀارت سان مقابلو ڪندو، هن ٻڌايو ته هو 1965 ۽ 1971جي جنگن دوران به ان علائقي ۾ موجود هو.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته توهان ڀارت سان ڪيئن وڙهندا جنهن تي رهواسي جو چوڻ هو ته اسان پنهنجي حفاظت جي لاءِ وڙهنداسين جنهن تي جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته دشمن سان سرحد تي وڙهڻ عام ماڻهن جو نه پر فوج جو ڪم آهي.

عدالت هدايت جاري ڪئي ته بارڊر ايريا ڪميٽي (بي اي سي) سرحدي علائقي کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ جي لاءِ نئين سر جائزو وٺي ۽ وڌيڪ بندوبست ڪري.

ان کان سواءِ عدالت اِها به هدايت جاري ڪئي ته هڪ سال ۾ ڪميٽي اين او سي جي حوالي سان سمورا معاملا حل ڪرائي ۽ اڻ لاڳاپيل ماڻهن ڪميٽي ميمبرن سميت کي ڏنل الاٽمينٽس رد ڪئي وڃي.

You might also like