رپورٽ: سکر: شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ڪيئن ٿي مالي بحران جو شڪار؟؟

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: سکر: شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ڪيئن ٿي مالي بحران جو شڪار؟؟
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: سکر: شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ڪيئن ٿي مالي بحران جو شڪار؟؟

 

 

اتر سنڌ جي ٽيون نمبر وڏي يونيورسٽي شاهه عبدلطيف مالي بحران جو شڪار ٿي وئي آهي، جنهن سبب عيد ويجهو اچڻ باوجود پگهارون نه ملڻ ڪري ملازمن پريشان ٿي ويا آهن.

2013ع کان 2019ع تائين وفاق توڙي صوبائي حڪومت طرفان فنڊ نه ملڻ سبب شاهه عبدلطيف يونيورسٽي مالي ڏکيائين جو شڪار بڻيل آهي.

يونيورسٽي جو خسارو 400 ملين تي پهچڻ سبب ملازمن جي پگهار، پينشن، فيول، ٽرانسپورٽ ۽ يوٽيليٽي بلز ادا نه ٿي سگهيا آهن.

شاهه عبدلطيف يونيورسٽي مالي ڏکيائين جو شڪار هجڻ پوائنٽ سورس پڻ ڪيتري رصي کان بند آهي، جنهن ڪري ڏورانهن علائقن کان ايندڙ شاگرد سخت پريشاني کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن.

شاه عبدلطيف يونيورسٽي پنهنجي آمدني مان پڪن ملازمن کي ڏيڍ ڪروڙ پگهار سميت ٻيا خرچ پورا ڪري پئي.

شاهه عبدلطيف يونيورسٽي انتظاميه وفاق ۽ سنڌ حڪومت کي مسلسل خط لکڻ باوجود به ڪو به تحرڪ ناهي ورتو ويو

 

You might also like