سوجيءَ جي کيرڻي

شيون:

سوجي 1 ڪوپ

کير 1 ڪلو

 مائو  اڌ ڪوپ

کنڊ 2 ڪوپ

 ڪارن فلاور 2 چمچا

ننڍا ڦوٽا 5 عدد

گيهه هڪ چمچو

بادام ۽ پستا

پاڻي ضرورت موجب

طريقو:

سوجي کي هڪ ڪوپ پاڻي ۾ ڀڄائي 3 کان 4 ڪلاڪن تائين رکي ڇڏيو هڪ ديڳڙي ۾ گيهه ۽ ڦوٽا وجهي داڳ ڏيو، ديڳڙي ۾ 2 ڪوپ پاڻي وجهو جڏهن  پاڻي گرم ٿي وڃي ته ان ۾ پاڻِي مڪس ڪيل ”ڪارن فلاور“  وجهي چمچو هلائيندا رهو. جڏهن گهاٽو ٿيڻ لڳي ته ان ۾ سوجي وجهي ڪجهه وقت تائين چمچو هلائيندا رهو ان کانپوءِ ان ۾ کير ۽ کنڊ وجهو ۽ هلڪي باهه تي رکو. جڏهن کير خشڪ ٿي وچي ته ان لاهي ڪَٽيل پستا ۽ بادام وجھي سجائي پيش ڪيو .37

You might also like