هيءَ خبر پڙهڻ کانپوءِ شايد توهان ڪڏهن به شگر ڊرنڪس جو استعمال نه ڪيو…!

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) هر قسم جا مٺا شربت پيئڻ سان ڪينسر جو خطرو وڌي ويندو آهي، اها ڳالهه هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

برطانوي ميڊيڪل جنرل ۾ اڄ شايع ٿيل هڪ رپورٽ موجب فرانس ۾ تحقيق ڪندڙن ان جائزي ۾ کنڊ ۽ مٺاڻ وارن شربتن کانسواءِ تازن ميون جي رَس پيئاري انهن جي طبي جاچ ڪئي.

نَو ورهين جي عرصي کانپوءِ نتيجو اهو نڪتو ته روز هڪ سئو ملي ليٽر شوگر ڊرنڪس پيئڻ سان ڪينسر جي مرض ۾ وٺجڻ جو خطرو 18 سيڪڙو وڌي ويندو آهي.

اهو جائزو هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهن تي ڪيو ويو، جن ۾ عورتن ۾ شامل هيون.

You might also like