اين اي 205 تي مقابلو سخت، پ پ جي صوبائي قيادت پهتي، آزاد اميدوارن جا دورا

گهوٽڪي/خانپور مهر ( رپورٽ: آزاد مهر+ميهر مهر ) گهوٽڪي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 205 تي اميدوارن ۾سخت مقابلو آهي، اميداورن پاران دورن، گڏجاڻين ۽ جوڙ توڙ جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي، پ پ جي صوبائي قيادت نثار کهڙو، اين اي 205 جي اميدوار سردار محمد بخش خان مهر، عاجز ڌامراهه،سيد ناصر شاهه، مهتاب ڏهر، مير  احسان خان سندراڻي، ڄام اڪرام الله ڌاريجو، عبدالباري پتافي،حاجي انور مهر، مير فياض لنڊ ۽ ٻين ڄام هائوس عادلپور ۾گڏجاڻي ڪئي، ان موقعي تي نثار کهڙي جو چوڻ هو ته پ پ اميدوار کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ تڪ جي عوام سان ملي ووٽ تير کي ڏياريو، پ پ اميدوار سردار محمد بخش خان مهر جي پوزيشن مضبوط آهي، هوڏانهن آزاد اميدوار سردار احمد علي خان مهر ۽ حاجي خان مهر ڳوٺ عبدالرسول چاچڙ، ڳهڻو چاچڙ، حاجي نظام الدين چاچڙ، ڳوٺ محمد مريد شيخ، ڳوٺ حاجي جانب چاچڙ، ڳوٺ منظور احمد چاچڙ، ڳوٺ سعيد چاچڙ، ڳوٺ حاجي رازق ڏنو چاچڙ، ڳوٺ نظام الدين مهر، گوهر ڪالوني، قربان ڪالوني، ڳوٺ دلدار ميراڻي، ڳوٺ ڇتو ميراڻي، ڳوٺ رسول بخش چاچڙ، ڳوٺ ربنواز واسو، ڳوٺ جمال الدين ميراڻي، ڳوٺ سونو ميراڻي، ڳوٺ شاهمور واسو سيمت مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون، اين اي 205 جي آزاد اميدوار سردار احمد علي خان مهر مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيو ته هي جيڪو اليڪشن جو ماحول آهي ٺاهيو ويو آهي، جيڪو ٺهڻ نه کپي ها، منهنجو والد صاحب هڪ عظيم شخصيت جو مالڪ هيو، غريب توڙي امير سان کلي ڳالهائيندو هيو، هن جي سڀني سان سچائي هئي، فوتگي واري سيٽ تي سياست ناهي ڪبي، اليڪشنون ۽ مسئلا مسائل ٿيندا رهندا آهن، اسان سان هڪ حادثو ٿيل آهي، هن حادثي ۾ مان اوهان وٽ هلي آيو آهيان، مونکي اميد آهي ته توهان هن حادثي ۾ مونکي ڪامياب ڪرائيندا ۽ دشمنن کي ٻڌائيدوءَ ته جيت حق ۽ سچ جي ٿيندي آهي، ان موقعي تي اين اي 205 جي آزاد اميدوار احمد علي خان مهر جي ڪورنگ اميدوار حاجي خان مهر چيو ته شاهاڻي برادري، سومرا برادري، ڪلادي برادري سميت مختلف برادرين جا ٿورائتا آهيون جن اسان کي مان ڏنو، اسين اپيل کڻي آيا آهيون ته اوهان سڀ دوست اسان جو ساٿ ڏيو، ترقياتي ڪمن ۾ جيڪا ڪمي پيشي آهي ان کي اسان ئي پورو ڪنداسين، جيڪي روڊ رستا ٺهيل آهن، اهي اسان ئي ٺهرايا آهن ۽ انهن کي اسان ئي مرمت ڪرائينداسين.

اڳ ملڪيت ۽ هاڻي پڳ تي جنگ ڪئي پئي وڃي: محمد بخش مهر

خانپورمهر (ت ر) اين اي 205 جي پ پ  اميدوار سردار محمد بخش خان مهر چيو آھي ته  اڳ ملڪيت تي ۽ هاڻي پڳ تي جنگ ڪئي پئي وڃي پر اهي قوتون ڪن کولي ٻڌي ڇڏين ته پڳ کسڻ وارا هٿ اڃا ڄميا ئي ڪونهن ۽ هاڻي پٿر اڇلائڻ جي موٽ ۾ ڪوبه گلن جي اميد نه رکي، چونڊ مهم دوران مختلف ڳوٺن ۾ھن خطاب ڪندي چيو ته مهر برادري ٻئي ڪنهن جو نه پر منهنجي پيءُ جو راڄ آھي، جنهن کي هرگز ڪنهن وٽ يرغمال ٿيڻ نه ڏيندس، سردار محمد بخش خان مهر جو وڌيڪ چوڻ ھو ته مان پاڻ وٽ گهرائي دڙڪا ڏيئي خوف پيدا ڪري ووٽ وٺڻ واري عمل کي سياست نه دهشتگردي ٿو سمجهان، مون کي خوف تي قائم نه پر عام ماڻھن جي دلين ۾رهڻ واري سرداري گهرجي، سندس چوڻ ھو ته عوام کي غلام بڻائڻ واريون روايتون ٽوڙڻ لاءِ مون وک کنئي آھي عوام پاڻ به اڳتي اچي، اين اي 205جي اميدوار سردار محمد بخش خان مهر جو وڌيڪ چوڻ ھو ته اڳ اسان جي خاندان جي سياست گڏ هئي هاڻي سياسي راهون جدا آھن، هاڻي ڪو به ڪم نه ٿي ته مان پاڻ کي توهان آڏو ذميوار سمجهندس.

قانوني جنگ تيز، باري پتافي، احمد علي ۽ حاجي خان مهر خلاف به پٽيشن داخل

سکر (رپورٽ : شفيع محمد ابڙو) گهوٽڪي جي اين اي 205 جي اليڪشن ويجهو ايندي ئي مهر ڀائرن ۾ شروع ٿيل سياسي جنگ ۾ تيزي اچي وئي آهي، ٻنهي ڌرين پاران هڪٻئي کي مات ڏيڻ لاءِ قانوني جنگ به تيز ڪري ڇڏي آهي، جي ڊي اي جي علي گوهر خان مهر پاران سئوٽ محمد بخش مهر پ پ اميدوار کي اليڪشن مان آئوٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجي منشي شبراتي پنهنور معرفت پٽيشن داخل ڪرائڻ بعد پ پ طرفان آزاد اميدوار احمد علي خان مهر ۽ حاجي خان مهر خلاف به درخواستگذار اعتزاز پتافي، آغا قربان پٺاڻ ۽ ذوالقرنين ڀٽو معرفت ٽي پٽيشن داخل ڪرائيندي ٻنهي اميدوارن کي نااهل ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي،  جڏهن ته انهن ٽنهي پٽيشن جي ٻڌڻ ۽ نه ٻڌڻ جو فيصلو اڄ 4 جولائي تي ٿيندو، ٻئي طرف پ پ جي ڪورنگ اميدوار ۽ پ پ ايم پي اي باري خان پتافي جي نااهلي لاءِ ايڊوڪيٽ جمشيد فيض معرفت پڻ پٽيشن داخل ڪرائي وئي آهي جنهن جي ٻڌڻي پڻ رکي وئي آهي جنهن ۾ پٽِيشن جي ٻڌڻ ۽ نه ٻڌڻ جو فيصلو ٿيندو، ٻئي طرف پ پ جي اميدوار محمد بخش خان مهر خلاف داخل پٽيشن کي سنڌ هاءِڪورٽ سکر جي ڊبل بئينچ جي جسٽس عبدالمالڪ ۽ جسٽس ارشد حسين خان جي عدالت پاران ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيڻ بعد ٻڌڻي اڄ 4 جولائي تي وقت يارهين وڳي سنڌ هاءِڪورٽ سکر ۾ مقرر ڪئي وئي آهي جتي محمد بخش خان مهر جي سياسي مستقبل بابت اهم فيصلو ٿيندو، محمد بخش خان مهر مٿان سرڪاري زمين تي قبضي ۽ اثاثا لڪائڻ جو الزام ثابت ٿيڻ  صورت ۾ نااهل ٿي ويندو جنهن بعد آزاد اميداور اڳوڻي وفاقي وزير علي محمد خان مهر جي پٽ احمد علي خان مهر جي پوزيشن وڌيڪ مضبوط ٿي ويندي.

You might also like