موسميات کاتي خبردار ڪري ڇڏيو…

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ملڪ ۾ وڌيڪ طوفاني برساتن ۽ ندي نالن ۾ ٻوڏ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ کان سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ طوفاني برساتن جو امڪان آهي ۽ تيز برسات جي نتيجي ۾ ندي نالن ۾ گهارن ۽ ٻوڏ جو به خدشو آهي.

موسميات کاتي موجب اڄ رات کان 18 جولاءِ جي وچ ۾ اولهه ۽ سانوڻي جي هوائن جي ميلاپ سان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ طوفاني برسات ۽ شهري علائقن سميت جابلو ندي نالن ۾ ٻوڏ جو خدشو آهي.

موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته اڄ رات کان مري، گليات، ڪاغان، ناران، ميرپور، ڀمبر، مظفر آباد، راولاڪوٽ، باغ، سوات، ڪالام، دير، ڪوهاٽ، پشاور، بنون، مردان، ڪوهلو، زوب، سبي، سيالڪوٽ، راولپنڊي، اسلام آباد، سرگوڌي، گوجرانوالا، شيخوپورا، لاهور، فيصل آباد ۽ نورپور ٿل ۾ کنوڻ سان گڏ مِينهن جو امڪان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.