سمٿ ۽ وارنر جي آسٽريلوي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ واپسي

 

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا ۽ پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ آسٽريلوي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ڪرڪيٽ آسٽريليا جي سليڪشن ڪميٽي طرفان سريلنڪا ۽ پاڪستان خلاف 3-3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ 14 رڪني ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن جي اڳواڻي ايرون فنچ ڪندو، جڏهن ته ڊيوڊ وارنر ۽ اسٽيون سمٿ جي به ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ واپسي ٿي آهي.


آسٽريليا طرفان سريلنڪا ۽ پاڪستان خلاف سيريز لاءِ اعلانيل ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ ايرون فنچ (ڪپتان)، ايشٽن ايگر، ايليڪس ڪيري، پيٽ ڪمنز، گلين ميڪسويل، بين مڪڊرمٽ، ڪين رچرڊسن، اسٽيون سمٿ، بلي اسٽين ليڪ، مچل اسٽارڪ، ايٽشن ٽرنر، اينڊريو ٽاءِ، ڊيوڊ وارنر ۽ ايڊم زمپا شامل آهن.

هي به پڙهي سگهو ٿا: شاهين گهر ۾ ئي ڍير، سريلنڪا سيريز کٽي ورتي

آسٽريلوي سليڪٽر ٽريور هونز موجب ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2020 کي نظر ۾ رکندي رانديگرن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، سريلنڪا ۽ پاڪستان خلاف سيريز سان رانديگرن کي گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو ملندو.

سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم هن وقت پاڪستان جي دوري تي آهي، جيڪا پوءِ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ آسٽريليا جو رُخ ڪندي، آسٽريليا ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي شروعات 27 آڪٽوبر کان ٿيندي.

پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 3 نومبر تي سڊني، ٻي ميچ 5 نومبر تي ڪينبرا، جڏهن ته ٽين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 8 نومبر تي پرٿ ۾ کيڏي ويندي.

قومي ٽيم آسٽريليا جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز پڻ کيڏندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.