گولڊ فيشل جا مرحلا

(1)     گولڊ ڪلينسر

صاف چهري تي اڌ چمچو گولڊ ڪلينسر لڳايو، جنهن کان پوءِ آڱرين جي مدد سان 15 منٽن تائين چهري کي مَهٽيو. جيئن ته خاص طور چپن ۽ نڪ جي چوڌاري دير تائين آڱرين سان مساج ڪيو، جڏهن ته 15 منٽن کان پوءِ ٽُوال سان چهري کي صاف ڪري ڇڏيو.

(2)   گولڊ ايڪسفولئيٽ

چهري کي ايڪسفولئيٽ ڪرڻ لاءِ اسڪرب ڪيو ويندو آهي ته جيئن چمڙي جا مري ويل سيل ختم ڪري سگهجن. گولڊ اسڪرب ۾ 24 ڪيرِٽ ميري گولڊ ايڪسٽريڪٽ هوندو آهي، جيڪو چهري کي آلسيڊائز ڪندو آهي. گولڊ اسڪرب ڪرڻ دوران آڱرين جي مدد سان هيٺيان کان مٿي تائين 10 کان 15 منٽن تائين مساج ڪيو.

(3)   گولڊ ڪريم

گولڊ ڪريم ۾ 24 ڪيرٽ گولڊ فوائل، فولڊ پائوڊر، زعفران، ايلوويرا ۽ صندل جي ڪاٺين جو پائوڊر شامل هوندو آهي. گولڊ ڪريم چهري تي 20 منٽن تائين لڳايو ته جيئن سموريون شيون چهري ۾ جذب ٿي وڃن.

(4)   گولڊ ماسڪ

گولڊ ماسڪ ۾ هيڊ، ماکي، گولڊ فوائل ۽ ايلوويرا شامل آهن، اُن ماسڪ کي ڳلي تي به لڳايو، خشڪ ٿيڻ کان پوءِ اهو ماسڪ آساني سان لهي ويندو آهي. اِن فيشل ۾ ڏيڍ ڪلاڪ لڳندو آهي. فيشل جوڪورس مڪمل ٿيڻ کان پوءِ انهن جا نتيجا فوري طور ڏسي سگهجن ٿا، چهري جو ڪارو رنگ 30 سيڪڙو گهٽجي ويندو آهي.

احتياط

1-     جيئن  ته گولڊ فيشل جا پروڊڪٽس مهانگا هوندا آهن، ان ڪري استعمال ۾ احتياط ڪيو. آليون پروڊڪٽس استعمال نه ڪيو ۽ سمورين پروڊڪٽس کي پاڻي ۽ گرميءَ کان بچايو، جيڪڏهن گولڊ فيشل ڪِٽ جو استعمال احتياط سان ڪيو وڃي ته اُن کي 3 کان 4 ڀيرا استعمال ڪري سگهجي ٿو.

2-     گولڊ فيشل ڪِٽ سان گڏ ٻين پروڊڪٽس جو استعمال نه ڪيو، چمڙي تي انفيڪشن جو خطرو ٿي سگهي ٿو.

3-     گولڊ فيشل ڪرڻ کان اڳ پنهنجو چهرو ۽ هٿ صابڻ سان ڌوئي وٺو.

4-     ڪريم، ماسڪ يا وري اسڪرب صاف ڪرڻ لاءِ گرم پاڻيءَ جو استعمال نه ڪيو.

5-     گولڊ فيشل ماسڪ لڳائي چهري جي چُر پُر نه ڪيو.

6-     گولڊ فيشل ڪِٽ جي ڪا به پروڊڪٽ اکين ۽ چپن نه لڳايو.

7-     گولڊ فيشل ڪرڻ کان پوءِ 24 ڪلاڪن تائين اُس ۾ نه نِڪرو.

8-     گولڊ فيشل ڪرڻ کان پوءِ ٿورو موائسچرائزر ضرور لڳايو.