دادو پوليس جي ڪارين رڍن خلاف ڪارروائي

دادو ( رپورٽ :عزيز احمد ملڪ ) ايس ايس پي دادو ٽن پوليس اهلڪارن کي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو.

ايس ايس پي دادو فرخ رضا ملڪ پاران غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث ھيڊ ڪانسٽيبل غلام محمد پنهور، هيڊ ڪانسٽيبل عبدالله پنهور کي نوڪرين تان برطرف جڏهن ته محمد صآلح ملاح کي جبري رٽائر ڪيو ويو آهي ۽ 4 اي ايس آءِ  کي ريوٽ ڪندي ٻن سالن جون انڪريمنٽون رد ڪري ڪيون ويون آهن.

ايس ايس پي دادو فرخ رضا ملڪ چيو ته  او آر ۾ پيش ايندڙ  پوليس اهلڪارن جا جيڪي به مسئلا بدليون رٽائرمينٽ، جي پي لون هئا اهي حل ڪيا ويا آھن.

هن چيو ته عوام جي شڪايتن جو پڻ آزالو ڪيو ويو آھي ٻن هيڊ ڪانسٽيبل کي نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو آھي جڏهن ته هڪ کي جبري رٽائر ڪرڻ سان گڏ 4 جي سروس  ختم ڪئي وئي آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.