جاسوس ورجينيا هال جنهن کان نازي به ڊڄندا هئا

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا ۽ برطانيه جي ڳجهي عورت ايجنٽ ورجينيا هال ٻي عالمي جنگ دوران فرانس ۾ ٽن سالن  تائين نازي اهلڪارن جي اکين آڏو جنگ جا ڳجها دستاويز چوري، اتحادي جاسوسن جو نيٽ ورڪ منظم ۽ فرار ٿيندڙ قيدين جي مدد ڪندي رهي، هن جا دشمن هن کي جاسوسن ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ سمجهيا ويندا هئا، حالانڪه هڪ ڄنگهه کان معذور هئڻ ۽ منڊڪائي  هلڻ جي ڪري کيس آساني سان سڃاڻي سگهجي پئي پر هوءَ پنهنجو پيڇو ڪندڙن کان هڪ قدم اڳتي هوندي هئي ، پنهنجي ويجهن ساٿين لاءِ به هوءَ ڳجهارت بڻيل هئي ،هوءَ مسلسل پنهنجو حليو تبديل ڪندي هئي، هوءَ اوچتو  ڪٿان نڪرندي هئي ۽ پوءِ بغير اطلاع جي غائب ٿي ويندي هئي ،ورجينيا جي زندگي جي باري ۾ ماڻهن کي هن جي موت کانپوءِ ئي خبر پئي، هوءَ 1982ع ۾ گذاري وئي هئي ،تازو ئي سندس آتم ڪٿا به شايع ٿي آهي جنهن تي هاڻي فلم ٺاهي ويندي،آمريڪي رياست ميري لينڊ ۾ 1906ع ۾ هڪ دولتمند خاندان ۾ پيدا ٿيندڙ ورجينيا ننڍپڻ کان ئي سفير بڻجڻ پئي چاهيو، هوءَ انگريزي، فرانسيسي،اطالوي ۽جرمن زبانون رواني سان ڳالهائيندي هئي، 20 سالن جي عمر ۾ ورجينيا پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ يورپ پهتي ۽ وارسا، وينس ۽ ازمير ۾ آمريڪي سفارتخانن ۾ ڪلرڪ طور ڪم ڪيو پر هوءَ سفارتڪار نه بڻجي سگهي، سندس زندگي تي ڪتاب لکندڙ سونيا پرنيل چيو ته ورجينيا کي بار بار ان ڪري رد ڪيو ويو ڇو ته هوءَ عورت هئي ان کان اڳ آمريڪا ۾ ڪنهن عورت کي سفارتڪار نه بڻايو ويو هو، هن چيو ته هڪ حادثي ۾ سندس ڄنگهه ٽٽي وئي، جنهن کانپوءِ کيس ڪاٽ واري مصنوعي ڄنگهه هنئي وئي، کيس گهوڙي سواري ۽ شڪار جو شوق هوندو هو، ٻي عالمي جنگ ۾ هوءَ فرانس ۾ بمباري ۽ فائرنگ جي وچ ۾ فوجي ايمبولنس هلائيندي هئي،1940ع ۾ کيس لنڊن ۾ جاسوسي جو ڪم ڏنوويو،1941ع ۾ هوءَ نيويارڪ پوسٽ جي رپورٽر بڻجي واپس فرانس پهتي ته اهو انتهائي خطرناڪ مشن هو، نازين خلاف مزاحمت کي منظم ڪرڻ لاءِ پنهنجي خطرناڪ مشن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هن مقامي شراب خاني جي هڪ ميڊم جرمين کي پنهنجي گروپ ۾ شامل ڪيو، هن وڏا وڏا آپريشن ڪري ايجنٽن کي جيلن مان ڪڍرائڻ شروع ڪيو، پليون اڏايون ۽ جرمن قافلن تي حملا به ڪرايا، پر هوءَ ڪڏهن به ڪنهن جي ور نه چڙهي،1944ع ۾ هوءَ آمريڪي آفيس آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جي حڪمن تي ٻيهر فرانس ۾ داخل ٿي ،ورجينيا جرمن فوج خلاف گوريلا جنگ لاءِ مزاحمت ڪندڙن جون ٽي بٽالين تيار ڪيون،1966ع تائين هن خاموشي سان سي آءِ اي لاءِ ڪم ڪيو،

You might also like