وياج جي ڦهليل وبا ۽ متاثر ٿيندڙ ماحول

علي حبيب رتڙ

اسانجي معاشري ۾ ٻن قسمن جا ماڻهون رهندا آهن هڪڙا حالات ڏسي خيالات مٽائيندا آهن جڏهن ته ٻيا وري خيالات ڏسي حالات مٽائيندا آهن اسان وٽ اهڙن ماڻهن جي گهڻائي آهي جيڪي حالات ڏسي پنهنجا خيالات مٽائي ٿا ڇڏين.معاشرو خراب ماڻهن جي خرابيءَ سبب خراب ناهي ٿيندو پر معاشري ۾ سماجي برائيون تڏهن جنم وٺنديون آهن جڏهن سٺا ماڻهون چپ جو روزو رکي خاموش ٿي ويهي رهندا آهن.

اسانجي معاشري ۾ سماجي برائين جو وڏو ڪارڻ سياستدانن ۽ بااثر ماڻهن جي پٺڀرائي به آهي.ڇاڪاڻ ته قانون جي اکين تي پٽي ٻڌل آهي ۽ قانون اڃا اکيون کوليون ئي ناهن.قانون هڪ اهڙو اوزار آهي جنهن جيڪو اکين ٻڌل پٽين مان به صرف ۽ صرف غريبن جا ڪرتوت ڏسي وٺندو آهي جڏهن ته امير ماڻهون ملڪ به کائي وڃن تڏهن به کين اڻپورن ثبوتن عيوض ڇوٽ حاصل هوندي آهي.جڏهن قانون جا رکوالا ئي قانون جي انڌي هجڻ جون گواهيون ڏئي سماجي برائين کي سماج تي نافض ڪرڻ جي ڪوشش ڪن تڏهن سٺو عمل پاڻ به پچتاءَ ۾ اچي ويندو آهي.

هونءَ ته سنڌ مختلف موذي مرضن سان ڀري پئي آهي ۽ سنڌ جا مارو هڪ ويلي جي مانيءَ لاءِ سڪندا ٿا وتن پر لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي ڪافي شهرن ۾ ايڊز منهن ڪڍيو آهي جنهن ۾ هزارين ماڻهون موت جي منهن ۾ داخل ٿي چڪا آهن جنهن جو ڳڙھ پ پ پ سربراهن جو پنهنجو گهر لاڙڪاڻو آهي ۽ ايڊز جي بيماريءَ ۾ نه رڳو جوان ۽ ٻڍڙا ورتل آهن پر ننڍڙا معصوم ٻار ۽ عورتون پڻ ايڊز جي خطرناڪ بيماريءَ ۾ ورتل آهن.

بيماري ته ڪابه هجي اها صرف مريض کي ئي کائيندي آهي پر ايڊز کان به خطرناڪ بيماري وياج آهي جيڪا هڪ مريض کي نه پر پنهنجي پوري معاشري کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏي ٿي جيڪا نسلن ۾ سفر ڪندي ٿي اچي پر ان سفر ۾ الائي ته ڇو قانون به رڪاوٽ نٿو وجهي. وياج جيڪو ڪڏهن غير مسلمانن کان وٺڻ جو ٻڌو ويندو هيو اهو آڄ مسلمانن جو هڪ ڪاروبار بڻجي ڪو آهي جنهن جو وڏو سبب سٺن ماڻهن جي ماٺ ۽ قانون جي رکوالن جي رکيل روزي آهي.

سپريم ڪورٽ جي سابق چيف جسٽس ثاقب نثار جي حڪم موجب وياج جو ڪاروبار ڪندڙن جا نالا هر ٿاڻي جو ايس ايڇ او پنهنجي ٿاڻي تي پينا فليڪس جي صورت ۾ لکرائي لڳرائي ڇڏي ۽ سندن خلاف ڪاروائي ڪري پر هر ٿاڻي تي انجي ابتڙ ٿي رهيو آهي ڇاڪاَڻ ته سماجي برائيءَ جو وڏو ڪارڻ سنڌ پوليس آهي جيڪا وياجين ۽ منشيات فروشن جي ساٿاري آهي.وياج جي ڦهليل وبا ڪيترائي ويڙها ويران ڪري ڇڏيا آهن ۽ رت جي رشتن ۾ ڏار پئجي چڪا آهن جڏهن ته پوليس ٻنهي پاسن کان پئسا وٺي پنهنجي عدالت لڳائي فيصلا ڪرڻ ۾ مصروف آهي.مون هڪ ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته پوليس جنهن کي ماڻهن ۾ شمار اجايو ٿو ڪيو وڃي اهي ماڻهون بلڪل به ناهن سا ڄڻ ته حقيقت لڳي رهي آهي.

پوليس جي پهرئين نظر پئسن تي هوندي آهي ۽ ٻي نظر ٻيءَ ڌر جي کيسي تي جنهن سبب ڏوهن ۾ مسلسل واڌارو اچي رهيو آهي.  هڪڙو اکين ڏٺو احوال اوهان سان اوريندو هلان ته ڪرونڊيءَ ۾ وياج جا پئسا نه ڏيڻ تان ٻن سڳن ڀائرن ۾ منهن ماري ٿي پئي جنهن تي ننڍي ڀاءُ وڏي ڀاءُ کي گرفتار ڪرايو پر پوليس چوڪي انچارج ڏيتي ليتي بعد معاملو اتي ئي دفن ڪري ڇڏيو جڏهن ته هڪ وياج جي ستايل ڀاءُ اهو ٻڌايو ته هو غريب آهي وياجين جي چڪر ۾ ٻنيءَ جا ٻه ٻارا به کپائي ڇڏيا پر اڃا تائين وياجي سندس جند نٿا ڇڏين ۽ کائنس کان 40000 هزارن عيوض 8000 هزار هر مهيني وياج جي مد ۾ پئسا وصول ڪندا رهن ٿا.

وياج جي ڪري نسلن جا نقصان ٿي رهيا آهن مگر قانون جي اکين تان چڙهيل پٽي

لهي ئي نٿي.ڪرونڊي جي ڳوٺ حاڪم علي رتڙ ۾ وياج خورن جو ايترو ته نيٽ ورڪ وسيع ۽ سگهارو ٿي چڪو جو ان کي هاڻي ڪير به ختم ڪرائي نٿو سگهي.ڳوٺ جا بااثر وڏيرا پڻ وياجين سان سهيڙيل آهن ڇاڪاڻ ته اهي سندس رشتيدار آهن.وياج جي ڪاروبار ۾ ڪيترائي ئي پيغمبري پيشي سان واسطو رکندڙ استاد پڻ شامل آهن جيڪي اسڪول وڃڻ بدران وياج جي ڪاروبار ڪرڻ ۾ مصروف آهحڪومت کي گهرجي ته وياج جي ڪاروبار ۾ متاثر ٿيندڙ ماحول لاءِ قدم کڻي ڇاڪاڻ وياج خور گروھ معاشري جي لاءِ ماڪڙ جو مثال آهن.ماڪڙ صرف فصل کي تباھَ ڪندي آهي جيڪو وقتي نقصان ۽ برداشت وارو عمل ته آهي پر وياج جو ڪاروبار ڪندڙ نسلن جا قاتل آهن جن مان تباھ ٿيندڙ نوجوانن جي جند آجي ڪرائي وڃي ته جيئن قوم ترقيءَ جي راھَ تي هلندي رهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.