طوطن جي آبادي گهٽجي بلڪل خاتمي جي قريب

ماريا اسماعيل

1990کان اڳ اسان وٽ طوطا وڏي تعداد ۾ هوندا هئا. مگر  30 سالن جي مختصر عرصي طوطن جي آبادي گهٽجي بلڪل خاتمي جي قريب پهچي چڪي آهي. طوطو جنهن کي سنڌي ماڻهون پيار مان مِٺُو ۽ مِٺُو پٽ سڏيندا آهن، ان جي نسل ڪشي جو احساس ڪنهن ۾ به نٿو جاڳي، نه عوام ۾، نه  حڪومتي سطح تي ۽ نه ئي ماحولياتي تحفظ جون کوکليون دعوائون ڪندڙ وڏين وڏين اين جي اوز سنڀاليندڙن کي. بي حسي جي انتها ايتري حد تائين پهچي چڪي آهي جو طوطي جو نسل سنڌ مان مڪمل خاتمي جي قريب پهچڻ جي باوجود اڄ ڏينهن تائين نه انهن جي آبادي جي باري ۾ ڪنهن سروي جو انعقاد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي انهن جو نسل بچائڻ خاطر اعلي حڪومتي ايوانن ۾ قانون سازي ڪري شهري مارڪيٽن ۾ طوطي جي ٻچن جي سرعام وڪري تي پابندي لڳائڻ جو سوچيو ويو آهي.

طوطي جو شمار حرام پکين ۾ ٿئي ٿو تنهن ڪري هتان جي مقامي مسلمان آبادي هن جو خوراڪ لاءِ شڪار ڪون ڪندي آهي.  ته پوءِ  آخر هن معصوم خوبصورت پکي جي معدومي جا سبب ڪهڙا ٿا ٿي سگهن؟ ان جو جواب آسان آهي.طوطا عام پکين وانگر وڻن جي ٽارين تي آکيرا ڪون ٺاهيندا آهن. هي وڻن جي سوراخن ۽ پورن جي اندر آنا لاهيندا آهن. وڻن ۾ اهڙا سوراخ هو پاڻ به نه  ڪري سگهندا آهن پر اهو فرض وري هڪ ٻيو پکي ڪاٺ ڪٺڙو سرانجام ڏيندو آهي جيڪو پنهنجي ڊگهي ۽ مضبوط ڄڀ سان سنڌ جي مقامي وڻن، لئو، ڪرڙ، کبڙ، ڪنڊي، ٻٻر، کجي، سرنهن، ديسي انب، باهڻ، نم، پپر، ڄمون وغيره ۾ پنهنجي نسلي واڌ لاء ٺاهيندو رهندو آهي ڇو ته ڪاٺ ڪٺو پاڻ به انهن ئي سوراخن ۾ آنا لاهيندا آهن.  اهڙن سوراخن جو ٻيو ذريعو وري قدرتي به ٿئي ٿو ته وڏي عمر وارن وڻن جا جيڪي ڏار سندن جواني جي دور ۾ ڀڄي پوندا آهن اتان ڪاٺ سُڪي سڙي ويندو آهي ۽ انهن جاين تي قدرتي پور ٺهي ويندا آهن.

طوطا اهڙن ئي اڳئي موجود پورن ۽ سوراخن کي پنهنجي نسلي واڌ ويجھ لاءِ استعمال ڪندا آهن. طوطن جي هڪڙي عادت اها به هوندي آهي ته هو پنهنجو گهر تبديل نه  ڪندا آهن. جيڪو سوراخ هڪ دفعو ٻچن ڪرڻ لاءِ منتخب ڪندا آهن ان ئي سوراخ ۾ هر ڀيري آنا ڏيندا. طوطا سال ۾ هڪ (يا ٻه ڀيرا به مناسب ماحول جي موجودگي ۾) ٻچا ڪندا آهن. هر تُور ۾ مادي ٻن کان چئن تائين آنا ڏيندي آهي. آنن تي 22 کان 24 ڏينهن آرو ڪرڻ کان پوءِ ٻچا نڪرندا آهن ۽ اهي ٻچا ڏيڍ مهيني جي عمر کان پوءِسوراخ مان نڪري اڏرڻ لائق ٿيندا آهن. ان کان پوء به ٻه ٽي مهينا اهي ٻچا ماءُ سان گڏ رهندا آهن.طوطن جي عمر ڊگهي ٿيندي آهي.  مقامي سنڌي طوطي جي عمر سراسري 30 سال ٿيندي آهي پر ڪڏنهن ته پنجاه سال جي عمر به نوٽ ڪئي وئي آهي. طوطي جو ٻچو ٽن سالن جي عمر جو ٿيڻ کان پوء جوانيء جي عمر تي پهچندو آهي.سنڌ مان طوطن جي نسل ڪشي جا ٻه  وڏا سبب آهن.

سنڌو درياه جي ٻنهي ڪنارن سان هزارها سالن کان موجود قدرتي ٻيلن جو مڪمل خاتمو جيڪو 1992ع ۾ ڌاڙيلن خلاف فوجي آپريشن دوران نهايت بيدردي سان پاڪستاني فوج ڪيو. ڪچي جي انهن قدرتي ٻيلن جي خاتمي سنڌ جي جهنگلي جيوت کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو، سوين قسمن جا پکي، جانور، جيت، ريپٽائيلز ۽ انهن سان گڏ پاڻي ۾ رهندڙ جانورن جي نسلن جو خاتمو ٿي ويو. انهن جانورن ۾ سانڀر ۽ ڦاڙهو هاڻي ته سنڌ مان ڄڻ ذري گهٽ مڪمل ختم ٿي چڪا آهن. ٻيلن جي خاتمي جو اثر طوطن تي به نهايت پيو ڇو ته اهي ٻيلا  سندن نسلي واڌ ويجه جون قدرتي نرسريون هيون.

سنڌ جي روڊن رستن، واهن ۽ شاخن جي ڪنارن سان موجود وڻن جو خاتمو ۽ هارين زميندارن ۽ ڳوٺاڻن پاران پنهنجن زمينن، باغن ۽ غيرآباد زمينن مان پراڻن وڏي عمر وارن وڻن جي واڍي، پڪي واري علائقي ۾ موجود طوطن جي نسل ڪشي جو سبب بڻي. وڻن جي اهڙي واڍي جو رجحان سنڌ ۾ سرن جي بٺن جي ڪري پيو جيڪي سرن پچائڻ لاء ڪاٺ ساڙيندا رهيا. اهو سلسلو تيستائين جاري رهندو آيو جيستائين سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان وڏي عمر جا وڻ ختم نه  ٿي ويا. وڻن جي خاتمي سبب ڪاٺ جي قيمت آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي ته بٺا مالڪن ٻارڻ لاءِ ٻين خطرناڪ زهريلن شين جو استعمال وڌائي ڇڏيو. هنن پراڻن ٽائرن کان وٺي پلاسٽڪ ساڙڻ شروع ڪئي جنهن ويتر فضا کي گدلو ۽ زهريلو بنائڻ شروع ڪيو. اهو سلسلو اڃا تائين بنا ڪنهن رنڊ روڪ جي جاري ساري آهي. اهڙن بٺن جا مالڪ اڪثر غير سنڌي آهن جن ۾ گهڻائي پٺاڻن ۽ افغان مهاجرن جي آهي. هي ماڻهون بغير ڪنهن رڪاوٽ جي سنڌ جي تباهي بربادي ڪري هر سال کربين رپيا منافعو ڪمائي پنهنجي آبائي علائقن ڏانهن کڻي ٿا وڃن ۽ سنڌ ۽ سنڌين کي بدلي ۾ مستقل تباهي ۽ برباديء جو تحفو ڏئي ٿا وڃن.

 سنڌي قوم اڃان تائين غفلت جي ننڍ ستي پئي آهي. کيس نہ پنهنجي ڌرتي ۽ ان جي قدرتي ماحول جي تباهي جو ڪو احساس آ ۽ نہ ئي پنهنجي ايندڙ نسلن جو ڪو اونو.