صوفي ٽرنر پنهنجي دوست ميسي وليمز سان گڏ فلم ٺاهڻ جي خواهشمند

 

لنڊن (شوبز نيوز) برطانيا جي من موهڻي اداڪارا صوفي ٽرنر برطانوي ڄائي ڪينڊين اداڪارا ميسي وليمز ۽ پنهنجي دوستي تي فلم ٺاهڻ جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو. 23 ورهين جي صوفي ٽرنر پنهنجي تازي بيان ۾ چيو ته مان پنهنجي ۽ ميسي وليمز جي دوستي تي هڪ فلم ٺاهڻ چاهيان ٿي. هن چيو ته ان پراجيڪٽ تي اڃا ڪم شروع ناهي ڪيو ويو پر تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. واضح رهي ته صوفي ٽرنر تازو ئي جوءِ جوناس سان شادي ڪئي آهي.

You might also like