سوشل ميڊيا صارفن  جي اڪشي ڪمار تي ڇتي تنقيد

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ايڪشن اداڪار اڪشي ڪمار کي سوشل ميڊيا تي موٽر سائيڪل تي سواري ڪندي تصوير شيئر ڪرڻ مهانگي پئجي وئي جنهن تي واهپيدارن کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

اڪشي ڪمار جي ڳڻپ بالي ووڊ جي اهڙن  اداڪارن ۾ ڪئي ويندي آهي جيڪي روايتي ڪمرشل فلمن کان هٽي ڪري اهڙين فلمن ۾ ڪم ڪرڻ پسند ڪندا آهن جنهن ۾  ماڻهن کي معاشري جي سڌاري بابت ڪو پيغام ڏنو وڃي ۽ رڳو فلمن ۾ ئي نه پر هو اهڙين مهمن جو حصو به آهي جيڪي ماڻهن ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪنديون آهن.

 

View this post on Instagram

 

Follow traffic rules for your own and others safety kyunki road kisi ke baap ki nahi hai. #SadakSurakshaJeevanRaksha

A post shared by Akshay Kumar (@akshaykumar) on

گذريل سال اڪشي ڪمار پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ڪجهه ويڊيوز شيئر ڪيون هيون جن ۾ هو ماڻهن کي موٽر سائيڪل هلائڻ وقت هيلمٽ پهرڻ جو سبق ڏيندي نظر اچي رهيو هو، ۽ هيلمٽ نه پهرڻ جي صورت ۾ ماڻهن کي ان جي خطرناڪ نتيجن کان آگاهه ڪندي چئي رهيو هو ته “روڊ اوهان جي پيءُ جو ناهي”.

پر شايد اڪشي ڪمار پنهنجو پڙهايل سبق وساري ويٺو آهي. بالي جي کلاڙي ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي انسٽاگرام تي هڪ تصوير شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ هيلمٽ کان سواءِ موٽر سائيڪل هلائيندي نظر اچي رهيو آهي، بس اها تصوير شيئر ڪرڻ کان ٿوري دير بعد ئي ماڻهن کيس ڇتي تنقيد جو نشانو بڻانو آهي.

سوشل ميڊيا واهپيدارن اڪشي ڪمار کي هيلمٽ نه پهرڻ تي هن جي پراڻي ويڊيوز جو حوالو ڏيندي چيو ته “هيلمٽ ڪٿي آهي”؟ “وڏي ڄاڻ پکيڙيندو هو (دانشوري ڏيکاريندو هو) هاڻي هيلمٽ ڪٿي آهي ڀائي”؟. جڏهن ته هڪ واهپيدار ته اڪشي ڪمار جي لفظ هن کي ئي موٽائيندي چيو ته “هيلمٽ ڪٿي آهي؟ روڊ اوهان جي پيءُ جو ناهي، ائين ئي چوندا آهيو نه اوهان”.