”ڪارو ڪاري“ جي اوٽ ۾ ٿيندڙ سماجي ڪرپشن

نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون

اسان وٽ سنڌ ۾ عام طور تي ”ڪاروڪاري“ واري الزام کي مرد ۽ عورت جي غير شرعي ۽ ناجائز جنسي لاڳاپن واري عمل سان لاڳو ڪيو ويندو آهي ۽ اهڙو الزام لڳائي کين قتل ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته ”ڪاروڪاري“ کي بلوچستان ۾ ”سياهه ڪاري“، خيبرپختونخواهه ۾ تور تورا ۽ پنجاب ۾ “ڪالاڪالي“ چيو ويندو آهي.

پر هاڻي ڪاروڪاري جا واقعا رڳو عورت ۽ مرد جي غير شرعي لاڳاپن ڪري نه ٿا ٿين پر ڪاروڪاري جي اوٽ يا الزام ۾ تمام وڏي سماجي ڪرپشن به ٿيڻ لڳي آهي.

جيڪڏهن ڪاروڪاري جي واقعن جي پسمنظر جي انفرادي طور تحقيق ڪجي ٿي ته قصو ئي ٻيو نروار ٿئي ٿو.

هاڻي زمينن ۽ ملڪيت جي قبضن لاءِ به انهن زمين ۽ ملڪيتن جي مالڪن کي قتل ڪرڻ لاءِ مٿن ڪنهن عورت سان ناجائز شرعي لاڳاپن جو الزام هڻي کين ”ڪارو“ ڪري قتل ڪيو وڃي ٿو.

ڪنهن ماڻهوءَ جو قرض نه لاهي سگهڻ جي صورت ۾ يا قرض ڦٻائڻ لاءِ مقروض، قرض ڏيڻ واري کي يا ته ”ڪارو“ جو الزام هڻي ماري ڇڏي ٿو يا الٽو ان کان ڏنڊ ۾ پيسا گهري ٿو يا کيس سزا کان بچڻ لاءِ قرض معاف ڪرڻ جي آڇ ڪري ٿو.

ڪٿي ائين به ٿئي ٿو ته ڪو من پسند سڱ ڪرڻو آهي يا ڪو سڱ ٽوڙڻو آهي پنهنجو ڪو دشمن مارڻو آهي، کيس ڪيئن به ڪري رستي تان هٽائڻو آهي ته تڏهن به ڪاروڪاري جي الزام جو نسخو استعمال ڪري گهربل نتيجا ماڻيا وڃن ٿا.

اڄ جي تازي خبر آهي ته اوڌر تي سامان نه ڏيڻ تي هڪ گراهڪ دڪاندار تي ڪارنهن جو الزام لڳائي کانئس پلاند ڪيو آهي.

ائين ڪاروڪاري جي قتل کي ڪرپشن ۽ پنهنجن مخصوص مفادن کي ماڻڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اسانجيون اخبارون روز ڪاروڪاري وارن واقعن سان ڀريل نظر اچن ٿيون.

ڪاروڪاري جي الزام ۾ ٿيندڙ ان سماجي ڪرپشن واري موضوع تي اسانجي ناليواري ڊراما نگار محمد علي پٺاڻ ”اڇي رات ڪارو چنڊ“ جي نالي سان هڪ ٽي وي سيريز لکي پهريون ڀيرو ان کي ٽي وي ڊرامن جو موضوع بڻايو آهي.

قتل ڀلي غيرت يا بي غيرتي جي باهه ۾ ڪيو وڃي پر خون بهرحال خون ئي آهي. جيستائين ڪنهن به سبب ڪري ڪيل قتل کي قتل نه سمجهيو ويندو تيستائين ڪاروڪاري جي الزام ۾ ”ڪرپشن“ ۽ ”ڏوهن“ کي به هڪ رستو ملندو رهندو.

انهيءَ مسئلي جو ٽوڙ اِهو آهي ته قتل کي قتل ئي سمجهيو وڃي، ان کي ”ڪاروڪاري“ جو نالو نه ڏيڻ گهرجي.

پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ٻيو ته ڇڏيو پر خود اسانجا رپورٽر، اخبار ۽ ٽي وي چينل به ڪنهن قتل کي ”ڪاروڪاري“ جو نالو ڏئي ڪري ڄڻ قاتل جو پاسو کڻن ٿا ۽ ان جي ونگار وهي ڪرپشن جو حصو بڻجي وڃن ٿا.