سوڀوديرو: آصف زرداري جي گرفتاري خلاف جيالا سراپا احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
سوڀوديرو: آصف زرداري جي گرفتاري خلاف جيالا سراپا احتجاج
عوامي آواز رپورٽ سوڀوديرو: آصف زرداري جي گرفتاري خلاف جيالا سراپا احتجاج

سوڀيديري ۾ پ پ ڪارڪنن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي گرفتاري خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي.

سڪندر علي سھتي، ممتاز شاھه، عطا محمد سومري، بشير شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تائين ريلي ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پ پ جي بھادر اڳواڻن اڳ به قربانيون ڏنيون آھن، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد بينظير ڀٽو آمرن اڳيان شھادت قبول ڪئي پر ڪنڌ نه جهڪايو.

هنن چيو ته آصف علي زرداري شھيد ڀٽو جو سچو سپاھي آھي جنھن اڳ به يارھن سال جيل ڪاٽيو آھي.

اڳواڻن چيو ته حڪومت بجيٽ ذريعي عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪيرائڻ بعد ڌيان هٽائڻ لاءِ آصف علي زرداري کي گرفتار ڪرايو.

 

You might also like