رپورٽ: سوڀوديرو ۾ شهرين پاران سيپڪو عملي جي ڏاڍ خلاف ڌرڻو

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: سوڀوديرو ۾ شهرين پاران سيپڪو عملي جي ڏاڍ خلاف ڌرڻو
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: سوڀوديرو ۾ شهرين پاران سيپڪو عملي جي ڏاڍ خلاف ڌرڻو

سوڀيديري ۾ سنڌ سوشل فورم ۽ ملاح دڪاندار ايسوسيئيشن جي اڳواڻن محمد عرس سھتو ۔ ارشاد علي شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سوڀوديرو اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

مظاهري ۾ شامل  ماڻهن پاران ايل ايس  لائين سپريڊنٽ سيپڪو سوڀوديرو غلام مصطفيٰ شيخ خلاف نعربازي ڪئي وئي

ان موقعي تي هنن چيو ته سنڌ سوشل فورم سوڀوديرو جي اڳواڻ ڪفايت شيخ کي سيپڪو سب ڊويزن راڻيپور جي راشي عملدارن سخت تشدد جو نشانو بنائي راڻيپور ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي ناانصافي ڪئي آهي

ھنن چيو ته ڪفايت شيخ شريف شھري آھي سيپڪوعملدارن جي ڏاڍاين خلاف جيڪو به آواز اٿاري ٿو انھن خلاف بدمعاشي وارو ڪردار ادا ڪندي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري هيسايو وڃي ٿو

احتجاج ڪندڙن واسطيدار اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪوڙو ڪيس ختم ڪري ڪفايت شيخ کي آزاد ڪري راشي عملي کي گرفتار ڪري عوام جي پريشانين کي گهٽايو وڃي………………..

You might also like