ويڪسنگ کان پوءِ  الرجي ۽ نشانن کان بچاءَ جا طريقا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ويڪسنگ کان پوءِ اڪثر جلد تي نشان ٿي ويندا آهن، جنهن ۾ خارش ۽ بيچيني ٿيندي آهي.

ان پريشاني مان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي طريقا موجود آهن.

جن مان ڪجهه طريقا هي آهن ته ويڪسنگ کان اڳ چهري کي ڪنهن سٺي ڪلينر سان ڌوئي صاف ڪيو. تيز صابڻ يا اسڪرب کي بلڪل استعمال نه ڪيو.

ويڪسنگ ٿيل جلد کي ڪاٽن جي ڪپڙي سان ڍڪي رکو جيئن جلد ڌوڙ ۽ مٽي کان محفوظ رهي. ويڪسنگ کان پوءِ متاثر حصي تي موائسچرائزنگ ڪريم يا لوشن لڳايو جيئن جلد کي سوڄ ختم ٿي وڃي.

You might also like