جسٽس فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس جي اڄ ٻڌڻي، عدالتي بائيڪاٽ جو اعلان

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ )سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ اڄ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿيندي.

سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي حڪومتي ريفرنس خلاف اڄ سڄي ملڪ جي عدالتن ۾ وڪيلن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

 بار جي صدر امان الله ڪنراڻي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي حڪومتي ريفرنس  خلاف اڄ سڄي ملڪ جي عدالتن جو وڪيل بائيڪاٽ ڪندا، پاڪستان بار ڪائونسل جي به ٻنهي گروپن عدالتن جي بائيڪاٽ ۽ احتجاج جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي.

امان الله ڪنراڻي چيو ته سمورن ادارن ۽ بارز طرفان حمايت تي ٿورائتا آهيون، اڄ بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ به احتجاج ڪيو ويندو، مان بلوچستان بار ڪائونسل جي ساٿين سان گڏ احتجاج جو حصو بڻجندس.

سنڌ بار ڪائونسل پاران به اڄوڪي  هڙتال جي حمايت جو اعلان

پاڪستان بارڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار جي اعلان کان پوءِ سنڌ بارڪائونسل اڄ  جسٽس قاضي فائر عيسيٰ جي حمايت ۾ بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي .

ان حوالي سان سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چئيرمين ضياالحسن النجار جو چوڻ هو ته جسٽس قاضي فائر عيسيٰ جي خلاف ريفرنس بدنيتي تي ٻڌل آهي، ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا .

هن چيو ته جيڪو به وڪيل ان اعلان جي ڀڃڪڙي ڪندو ان جو لائيسنس رد ڪيو ويندو،  موجوده حڪومت جي دور ۾ احتساب جو عمل جانبداراڻو آهي هن چيو ته جيڪي الزام مخالف ڌر تي آهن، اهي   الزام حڪمران جماعت تي به آهن.پر احتساب صرف مخالف ڌر جو ڇو آهي .

گذريل ڏينهن سٽي ڪورٽ ۾ ڪراچي بار جي اڳوڻي صدر محمود الحسن جو پريس ڪانفرنس دوران چوڻ هو ته ته عدليه آزاد نه هوندي ته ملڪ نه هلي سگهندو .300 ريفرنس داخل آهن، پر رڳو جسٽس قاضي فائر عيسيٰ جي خلاف ڪارروائي ڇو ٿي رهي آهي .

جسٽس قاضي فائر عيسيٰ  هڪ دلير ۽ بهادر جج آهي .اڄ سڄي سنڌ جي عدالتن ۾ بائيڪاٽ ڪيو ويندو آهي. سنڌ سپريم ڪورٽ بار جي نائب صدر صلاح الدين گنڊاپور چيو ته اسان عدليه جي آزادي ۽ خودمختياري جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون .

هن چيو وڪيلن جي ڪابه سياسي ايجنڊا نه آهي . ڪراچي بار جي صدر نعيم قريشي چوڻ هو ته هو پاڪستان بار ۽ سپريم ڪورٽ بار جي اعلان کان پوءِ اڄ سٽي ڪورٽ ۾ عدالتي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي .

اڄ ڪراچي ۾ هڙتال نه ٿيندي: وڪيل ايڪشن ڪميٽي

ٻئي پاسي وڪيل ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج خواجا نويد چيو آهي ته اڄ ڪا به هڙتال نه ٿيندي.

سپريم ڪورٽ بار هڙتال جو سڏ واپس وٺي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سندس چوڻ هوته جسٽس فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس تي جاچ شروع اڃا ناهي ٿي ۽ ڪجهه ماڻهن گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ملڪ ۾ احتساب جو عمل هلي رهيو آهي، اسان ان جي آجيان ڪريون  ٿا.

انصاف لايرز فورم طرفان اڄوڪي هڙتال کان لاتعلقي

پاڪستان تحريڪ انصاف لايرز فورم سنڌ جي نائب صدر ايڊووڪيٽ عمران علوي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان بار ڪائونسل پاران اعلانيل اڄوڪي احتجاج کان لاتعلقي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ لائرز فورم جو پاڪستان بار ڪائونسل جي اعلانيل اڄ 14 جون واري احتجاج ۽ عدالتن ڪارروائين جي بائيڪاٽ سان ڪو به تعلق نه آهي.

سندس چوڻ هو ته صدر پاڪستان پاران جسٽس فائز عيسيٰ خلاف صرف ريفرنس داخل ڪرايو ويو آهي، جنهن جو مطلب فقط الزام لڳائڻ آهي. هن چيو ته ڄاڻايل ريفرنس بابت فيصلو اچڻ باقي آهي. هن پاڪستان بار ڪائونسل کي صلاح ڏني ته هو وڪيلن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪن نه ڪي سياسي اشو تي ڪم ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.