رحيم يار خان: اڪبر بگٽي ايڪسپريس جو مال گاڏي کي ٽڪر، 16 ڄڻا فوت

رحيم يار خان ( ويب ڊيسڪ ) رحيم يار خان ويجهو ٽرين حادثي جي نتيجي ۾ 16 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 67 زخمي ٿي پيا. لاهور کان ڪوئٽا ويندڙ اڪبر بگٽي ايڪسپريس رحيم يار خان ويجهو ولهار اسٽيشن جي حدن ۾ بيٺل مال گاڏي سان ٽڪرائجي وئي. حادثي جي نتيجي ۾ مسافر ٽرين جي انجڻ مڪمل طور تباهه ٿي وئي ۽ ٽي کان چار بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، جڏهن ته 6 کان 7 بوگيون شديد متاثر ٿيون.  واقعي جو اطلاع ملندي ئي امدادي عملو واقعي واري هنڌ پهچي ويو ۽ امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون، حادثي جي زخمين ۽ فوتين کي جناح ۽ شيخ زيد اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڊي پي او عمر سلامت ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته رحيم يار خان جي سمورين اسپتالن ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون آهن جڏهن ته هيلپ لائن ۽ ڪنٽرول روم به قائم ڪيو ويو آهي. ڊي پي او عمر سلامت موجب 11 لاشن ۽ 67 زخمين کي ڪڍيو ويو آهي، جن مان ٽن کان چئن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، زخمين لاءِ رت جي عطئي جي ضرورت آهي جنهن جو انتظام ڪيو پيو وڃي. اسپتالن ذريعن موجب حادثي ۾ وڌيڪ پنج ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ وڌي 16 ٿي ويو آهي. ايڊيشنل جنرل مئنيجر ريلوي زبير شفيع موجب اڪبر بگٽي ايڪسپريس جو ڊرائيور عبدالخالق ۽ اسسٽنٽ ڊرائيور اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن. زبير شفيع موجب اڪبر بگٽي ايڪسپريس جي 10 مان چار بوگيون پٽڙي تان لٿيون آهن، حادثي کانپوءِ اپ ٽريڪ کي بحال ڪيو ويو آهي. اکين ڏٺن شاهدن موجب حادثو صبح چار وڳي جي لڳ ڀڳ ٿيو آهي، گاڏيءَ کي حادثو ڪانٽو تبديل نه ڪرڻ سبب پيش آيو آهي. هوڏانهن حادثي جي شروعاتي طبي رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب حادثو سگنل سسٽم جي خرابي سبب ٿيو آهي، ولهار جي اسٽيشن ماسٽر اڪبر بگٽي ايڪسپريس کي مين لائن جو گرين سگنل ڏنو اسٽيشن جو سگنل عملو لوپ لائن تي ئي رهيو.  رپورٽ موجب ڊرائيور ۽ اسسٽنٽ ڊرائيور بريڪ هڻي پوئتي هٽي ويا، جيڪي شديد زخمي حالت ۾ علاج هيٺ آهن. رپورٽ موجب مال گاڏي ولهار اسٽيشن تي صبح سوا چار وڳي ڪانٽو تبديل ڪري لوپ لائن تي بيهاري وئي، اڪبر بگٽي ايڪسپريس ساڍا چار وڳي پهتي ته حادثي جو شڪار ٿي.