پاڪستاني ويل چيئر ڪرڪيٽ ٽيم ۾ سنڌ جا 6 رانديگر به شامل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) راندين، صنعتن ۽ نوجوانن جي معاملن بابت صوبائي صلاحڪار محمد بخش مهر چيو آهي ته پاڪستاني ويل چيئر ڪرڪيٽ ٽيم راندين واري کاتي جي سهڪار سان ايشيا ڪپ 2019 لاءِ نيپال جي شهر کٽمنڊو پهچي وئي آهي، اميد آهي ته ٽيم ڪاميابي ماڻي ملڪ جو نالو روشن ڪندي.

پنهنجي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد بخش مهر چيو مون کي خوشي آھي ته ٽيم ۾ 6 سنڌ جا رانديگر به شامل ڪيا ويا آھن ۽ ٽيم جي ڪپتاني به سنڌ جي حصي ۾ آئي آھي.

سندس چوڻ هو ته رانديگرن جي حوصلاافزائي لاءِ ڪوششون جاري رهنديون.

You might also like