بجيٽ پاڪستان جي نه پر آءِ ايم ايف جي آهي: سراج الحق

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته وفاقي حڪومت جيڪا بجيٽ پيش ڪئي اها پاڪستان جي نه پر آءِ ايم ايف جي آهي.

سراج الحق ردعمل ڏيندي چيو ته بجيٽ ۾ سڄو زور ٽيڪس ۽ شين جا اگهه وڌائڻ تي ڏنو ويو، بجيٽ ۾ عام ماڻهو جي ڏکيائين ۽ مهانگائي تي ڪو ڌيان نه ڏنو ويو.

سندس چوڻ هو ته بجيٽ ۾ 7 سئو ارب رپين جا وڌيڪ ٽيڪس لڳايا ويا آهن، جنهن سان مهانگائي وڌندي، اها پاڪستان جي نه پر آءِ ايم ايف جي بجيٽ آهي.

You might also like