شريا گھوشال  کي ڪاوڙ به ايندي آهي؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڳائڻي شريا گھوشال سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي گھڻي سرگرم نظر ايندي آهي ۽ پنهنجي  جي نرم لهجي ۽ رويي سبب گھڻي مشهور آهي پر گذريل ڏينهن هن جا مداح حيران ٿي ويا جڏهن شريا هڪ ڪاوڙ ۽ ناراضگي سان ڀريل ٽوئٽ ڪيو،

ميڊيا رپورٽن موجب شريا گھوشال سنگاپور ايئر لائن ۾ سفر ڪري رهي هئي ۽ هن وٽ ڪجهه ميوزيڪل اوزار به موجود هئا جنهن کي جهاز ۾ کڻڻ کان منع ڪيو ويو.

شريا ايئر لائن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٽوئٽ ڪيو ته منهنجي خيال ۾ سنگاپور ايئرلائن ناهي چاهيندي ته ڪو گلوڪار يا ڪو اهڙو مسافر جنهن سان گڏ مهانگو سامان هجي ان سان گڏ سفر ڪري، ٺيڪ آهي وڏي مهرباني، آئون سبق سکي ورتو آهي.

ٽوئٽ جي جواب ۾ سنگاپور ايئر لائن ٽوئٽ ۾ لکيو ته هاءِ شريا! اسان کي اهو ٻڌي افسوس ٿيو، اسان توهان سان معذرت ڪري رهيا آهيون، ڇا اسان اوهان جي خدشن بابت وڌيڪ تفصيل ڄاڻي سگھون ٿا، اسان جي ساٿي طرفان توهان کي ڪهڙو مشورو ڏنو ويو هو؟ مهرباني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.