سنگاپوري چانور

 

شيون:

چانور: اڌ  ڪلو

ڪريم: اڌ ڪوپ

گوشت بنا هڏي وارو: هڪ ڪلو

بصر: هڪ عدد

گيهه: فراءِ ڪرڻ لاءِ

شملا مرچ: هڪ عدد

بند گوبي: هڪ ڪوپ

گجر: هڪ عدد

ٽماٽي وارو ڪيچ اپ: ٻه چمچا

لوڻ: ضرورت موجب

چائنيز لوڻ: هڪ کان ٻه چمچا

ڪارا مرچ: ٻه چمچا

طريقو:

فراءِ پان ۾ ٿورو گيهه وجهي گوشت کي هلڪو ڀُڃي ڇڏيو. پوءِ بصر، شملا مرچ، ڪيچ اپ ۽ ڪريم وجهي انهن کي گڏايو، هاڻ بند گوبي ۽ ڪٽيل گجر وجهي ٿورو گيهه ملائي ڀڃڻ کانپوءِ ڪڍي ڇڏيو، پوءِ اُٻريل چانور، لوڻ، چائنيز لوڻ ۽ ڪارا مرچ وجهي هلڪو فراءِ ڪرڻ بعد دَم تي رکي ڇڏيو. هاڻ گوشت ۽ چانور الڳ الڳ ڊيش ۾ ڪڍي مزو وٺي سگهو ٿا.27

You might also like