سنڌ جي وحدت سان هٿ چراند ڪرڻ واري سازش ۽ سنڌ جي ماڻهن جو ردعمل

حسيب لطيفي

مون سنڌ جي نوجوانن کي سڀ کان وڌيڪ جذباتي ٿيندي تڏهن ڏٺو آهي جڏهن به ڪو سنڌ دشمن سنڌ جي وحدت تي وار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، اسان سدائين مختلف احتجاجن ۽ ريلين کي پنهنجون صحافتي ذميواريون نڀائيندي ڏٺو آهي، پر نوجوانن ۾ سنڌ جي مٽيءَ لاءِ محبت ۽ سنڌ جي وحدت تي وار ڪرڻ وارين سازشن خلاف ڪاوڙ تڏهن شدت سان محسوس ڪئي آهي جڏهن سنڌ جي قومي بقاءَ جي لاءِ روڊن تي نڪرندا آهن. سنڌ جا ماڻهو سنڌ جي وحدت جي حوالي انتهائي حساس آهن، سنڌ دشمن قوتن پاران جڏهن به سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ٿي آهي ته سنڌ جي ماڻهن ان سازش کي چٽي انداز سان وائکو ڪيو آهي، ان جو ڀرپور جواب به ڏنو آهي ۽ سنڌين پنهنجي روايتي مزاحمت جو مظاهرو به ڪيو آهي، ڇو ته سنڌ ڪنهن به اسيمبلي، ڪنهن به بل ۽ قرارداد جي محتاج ناهي، سنڌ صدين کان سنڌين جو تاريخي وطن رهيو آهي جنهن کي ورهائڻ ۽ ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪندڙ ناڪام ويا آهن.

هڪ طرف سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جون سازشون ڪندڙ سنڌ دشمن ٽولا سرگرم آهن ته ٻئي طرف سنڌ ۾ وڌندڙ ڌارين جي آبادي سنڌ جي خودمختياري تي حملي جي برابر آهي، سنڌ هاڻ وڌيڪ ڌارين کي برداشت نٿي ڪري سگهي، ڪندي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ سنڌ مان سنڌي ڪاروباري ماڻهو هتان لڏپلاڻ ڪري هندستان هليا ويا ۽ موٽ ۾ اتان جا ماڻهو لڏپلاڻ ڪري سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا، هو پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۾ نه پر سنڌ ۾ ان ڪري آيا جو کين ٻين علائقن برداشت نه ڪيو، جيڪي هاڻ سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن ۾ آباد آهن، پر انهن کي سنڌ جي ڏنل محبت ياد نٿي اچي، هنن کي اهو احساس ناهي ته سنڌ کين سڃاڻپ ڏني، روزگار ڏنو، گهر ڏنا ۽ عزت ڏني. ان عرصي دوران سنڌ جي تاريخي عمارتن تي پڻ قبضا ٿيا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين قبضي هيٺ آهن، اهو بحث اڃا جدا آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: سڀ کان وڌيڪ ڪيلي جي اُپت ڏيندڙ خيرپور ضلعو منڊي کان محروم

سنڌ ۾ بنگالي بيهاري ۽ برمي به وڏي تعداد ۾ آباد آهن، جيڪي هاڻ سنڌ جي وسيلن تي پڻ قابض ٿيو ويٺا آهن، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادي نه رڳو سنڌ جي ويسلن کي نقصان پهچايو آهي، پر هنن سنڌ جي ٻولي، ثقافت ۽ تهذيب کي پڻ وڏو نقصان ڏنو آهي. انهن جا ڌرتي ڌڻين سان رويا به درست ناهن، جيڪڏهن سنڌ ۾ ائين ئي سڀني کي پناهه ڏئي آباد ڪيو ويندو ته سنڌ جا ڌرتي ڌڻي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا ۽ جيڪا ڌرتي ڌڻين خلاف هڪ وڏي سازش پڻ آهي، سنڌ سڄي دنيا جي تڙيلن جو بار نٿي کڻي سگهي. حالت اها آهي ته جڏهن به ڪو وڏو آپريشن ٿيندو آهي ته ملڪ جي مختلف علائقن مان پناهگير وڏي انگ ۾ اچي سنڌ ۾ آباد ٿيندا آهن، وري جڏهن افغانستان ۾ جنگ جي شروعات ٿئي ٿي ته ته اتان جا افغان پناهگير به اچي سنڌ ۾ آباد ٿين ٿا، جيڪي هاڻ سنڌ ۾ وڏا مالدار ٿي چڪا آهن ۽ سنڌ ۾ دهشتگردي جو سبب به بڻجندا رهيا آهن، پر سنڌ جي ڌرتي ڌڻي غربت ۽ بدحالي جي ور چڙهيل آهن، جيڪا سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، پر افسوس جو هتان جا ڌرتي ڌڻي غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن، ڇاڪاڻ  جو ان جو اصل ڪارڻ  ڌارين جي آبادي آهي، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جيڪي سنڌ ۾ پناهگير آباد ٿيا ان ۾ مختلف زبانو ڳالهيندڙ شامل آهن، ان ڪري پناهگيرن کي زبان جي لحاذ سان ڪا تڪليف نه ٿيندي انهن کي سنڌ ۾ پناهه ڏني ويندي آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: امير سنڌ جا غريب ماڻهو

تازو سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم پاران سنڌ جي ورهاڱي جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ۽ سنڌ جي دل ڪراچي کي الڳ صوبي جي حيثيت ڏئي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن، ايم ڪيو ايم جيڪا الطاف جو موقف کڻي اڳتي هلي رهي آهي ۽ ان جماعت قومي اسيمبلي ۾ صوبن جي حدن ۾ ڦير ڦار جو اختيار وفاق کي ڏيڻ بابت آئين جي آرٽيڪل 239 جي شق نمبر 4 ختم ڪرڻ جي حوالي سان بل پيش ڪيو آهي، جنهن جي حڪمران جماعت پي ٽي آئي پاران حمايت ڪئي وئي آهي، جنهن جي ڪري سنڌ ۾ سخت ڪاوڙ واري لهر ڇانيل آهي ۽ شديد رد عمل به سامهون اچي رهيو آهي، سنڌ جي هر شهر ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين احتجاج ٿئي پيو، پرامن احتجاج ذريعي سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتي جي حفاظت لاءِ روڊن تي نڪتل آهن، انهن احتجاجن ۾ سنڌ سان محبت نظر ايندي آهي ۽ هو ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن اسيمبلي جي بل ۽ قرارداد کي قبول نه ڪندا، سنڌ ڪنهن قرارداد جي ذريعي وجود ۾ نه آئي آهي، سنڌ ڏانهن ميري اک کڻڻ تي ڪاوڙ وارو عنصر سنڌ جي ماڻهن ۾ موجود هجڻ وارو عمل فطري آهي، اهو ممڪن ئي ناهي ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتي ماءُ خلاف ٿيندڙ سازش خلاف ڪاوڙ جو اظهار نه ڪن ۽ چپ ڪري ويهي رهن، سنڌ جا ماڻهو پرامن جدوجهد ۾ يقين رکندڙ آهن، عدم تشدد واري فڪر تحت سنڌ جي قومي بقاءَ واري جنگ وڙهندا رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.