گٽڪي جي وڪري ۾ پوليس ۽ چونڊيل نمائندا به ملوث قرار

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گٽڪو ٺاهيندڙن ۽ کپائيندڙن خلاف ڪارروائي جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گٽڪو ٺاهيندڙن ۽ کپائيندڙن خلاف ڪارروائي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران صحت کاتي جي آفيسر موقف اختيار ڪيو ته ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ هر سال وات جي ڪينسر جا 10 هزار مريض اچي رهيا آهن.

عدالت حيراني جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ڇا حڪومت چاهي ٿي ته سڄي قوم ڪينسر جي مريض بڻجي وڃي، ڇا اهي جنگي حالتون ناهن؟ اها به هڪ دهشتگردي آهي، جيڪا انسانن جون حياتيون کسي رهي آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: سنڌ هاءِ ڪورٽ گٽڪا مافيا خلاف وڏو حڪم جاري ڪري ڇڏيو…..!

ٻڌڻي دوران عدالت پوليس اختيارين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن آءِ جي سنڌ کي گٽڪو کپائيندڙن ۽ ٺاهيندڙن کان ”شيئر“ ناهي ملندو ته گٽڪا مافيا خلاف ڪارروائي ڇو نه پئي ٿئي.

عدالت وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته سمورن ايس ايس پيز جي اثاثن جي جاچ ڪرايو خبر پئجي ويندي، هاڻ معاملو نيب ۽ ايف آءِ اي ڏانهن موڪليون ٿا.

عدالت چيو ته ان معاملي ۾ پوليس ۽ اسيمبلي ۾ ويٺل ماڻهو به ملوث آهن، انهن جي ملي ڀڳت کانسواءِ گٽڪو وڪرو نٿو ٿي سگهي.

عدالت جي پڇاڻي تي پوليس موقف اختيار ڪيو ته 5 ڏينهن ۾ قلم جي 337 تحت 11 ڪيس داخل ڪيا ويا.

عدالت چيو ڪيترن ايس ايس پيز خلاف ڪارروائي ٿي، جيستائين انهن آفيسرن خلاف ڪارروائي نٿي ٿئي، معاملا ٺيڪ نه ٿيندا.

قانون بابت سيڪريٽري عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته قانون سازي لاءِ بل ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، هڪ هفتي ۾ بل منظور ٿي ويندو، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته گٽڪا مافيا خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

پوءِ عدالت گٽڪو ٺاهيندڙن ۽ کپائيندڙن خلاف ڀرپور ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏيندي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.