خانه بدوش ڪيفي سيل، عدالت جو منع نامو جاري

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي انتظاميا ثقافت کاتي جي حڪمن تحت خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي کي مڪمل طور تي سيل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور تي مشتمل بئنچ خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي کي سيل ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي اسٽي آرڊر جاري ڪيو آهي.

ثقافت کاتي طرفان حيدرآباد ۾ خانه بدوش ڪيفي کي بند ڪرڻ خلاف تاج جويو، ذڪيه اعجاز ملاح، حسين مسرت شاهه ۽ ٻين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ ڊي جي ڪلچر ۽ ڊائريڪٽر سنڌ ميوزيم کي ڌُر بڻائيندي ڪيفي بند ڪرڻ خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ خانه بدوش ڪيفي بند ڪرڻ خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪندي ڪيفي جي بند ڪيل بجلي ۽ پاڻي جا ڪاٽيل ڪنيڪشن فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت پاران پهرين آگسٽ تي سيڪريٽري ۽ جي ڊي ثقافت کي مڪمل رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي.

هوڏانهن ثقافت کاتي ۽ سنڌ ميوزيم انتظاميا خانه بدوش ڪيفي کي مڪمل طور تي سيل ڪري ڇڏيو آهي، ڪالهه سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي ٽيم پهچي ثقافت کاتي جي حڪمن تحت خانه بدوش ڪيفي واري پارڪ جي مين دروازي کي تالا هڻي ان کي مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏيو آهي. آخري اطلاعن تائين خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي کلي نه سگهيو هو.

You might also like