ڀٽائي سرڪار جو عرس، سنڌ حڪومت موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب 14 آڪٽوبر ڏينهن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جي موقعي تي عام موڪل هوندي.

ان حوالي سان باقاعدي طور نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب سنڌ حڪومت ۽ ان جا ذيلي ادارا، ضلعي انتظاميا جي ماتحت ادارا ۽ سرڪاري توڙي غير سرڪاري درسگاهون 14 آڪٽوبر تي بند رهنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.