سنڌ حڪومت وڏو اعلان ڪري ڇڏيو….!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪشمير مسئلي جي حوالي سان اسان سڀ گڏ آهيون ۽ ذاتي رنجشون وساري دنيا کي پيغام ڏينداسين.

تفصيل موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ چيو ته ڪشمير مسئلي بابت اسان سڀ گڏ آهيون، ڪشمير مسئلي تي ذاتي رنجشون وساري دنيا کي گڏ ٿيڻ جو پيغام ڏيو ۽ 14 آگسٽ جو ڏينهن ڪشميرين سان ٻڌي سان طور ملهائينداسين.

مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته آزادي جي ڏينهن سنڌ حڪومت طرفان ريلي ڪڍي ويندي، آصف زرداري جيڪو ڪجهه چوندو آهي اُهو سوچي سمجهي چوندو آهي، بلاول ڀٽو جي گرفتاري جو گهڻن ڏينهن کان ٻڌي رهيو آهيان، سي سي آءِ جو اجلاس هن وقت تائين ناهي گهرايو ويو.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ريڪارڊ مينهن پيو، صورتحال جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، عوام پاڻ ڏٺو ته مينهن دوران روڊن تي نڪري ڪم ڪيو، ڪجهه ماڻهو استعيفيٰ ڏيڻ جو چئي رهيا هئا پر هاڻ انهن جا وات بند آهن.

مراد علي شاهه دعويٰ ڪئي ته مينهن بيهڻ جي 6 کان 7 ڪلاڪن کان پوءِ شاهراهن تان پاڻي جي نيڪالي ڪئي ويئ هئي، حيدرآباد ۾ بهتر ڪم ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم پاڪستان به تعريف ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.