سنڌ سرڪار سرڪلر ريلوي شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي(رپورٽر)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبائي حڪومت ڪراچي سرڪلر ريلوي (ڪي سي آر) شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهي جنهن لاءِ پاڪستان ريلوي کي ايندڙ 15 ڏينهن اندر سنڌ حڪومت کي رائيٽ آف وي حوالي ڪرڻو پوندو. اها ڳالهه هن اربع ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. وڏي وزير چيو ته ڪي سي آر منصوبي جي شروعات لاءِ پرعزم آهيان جنهن لاءِ هن چين ۽ اسلام آباد ۾ اهم ملاقاتون پڻ ڪيون ۽ ان کي سي پيڪ بابت جي سي سي اجلاس ۾ منظور پڻ ڪرايو. هاڻي، وفاقي حڪومت کي لاڳاپيل منصوبي جي منظوري ڏيڻي پوندي ڇوته فزيبلٽي اسٽڊي اڳواٽ ئي ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي ساوورين گارنٽي (خودمختيار ضمانت) ڏيڻي پوندي. مراد علي شاهه ٽرانسپورٽ کاتي کي هدايت ڪئي ته ريلوي عملدارن کي هڪ خط لکي رائيٽ آف وي ذريعي ريلوي حددخليون هٽائڻ لاءِ چيو وڃي ۽ پوءِ انهيءَ کي صوبائي حڪومت کي منتقل ڪيو وڃي ته جيئن لاڳاپيل منصوبي کي شروع ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي ٽينڊرز جاري ڪيو وڃي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، ڪراچي ۾ پيشي کان پهرين ڪڊني هل ۽ هل پارڪ علائقن جي غير قانوني الاٽيز کي نوٽيس جاري ڪري سگهجي ٿو. ڪمشنر ڪراچي وڏي وزير کي ٻڌايو ته هاڪي راند جي وائي ايم سي گرائونڊ  کي بحال ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي اتي هاڪي راند کيڏي ويندي. وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته ميٽروپول هوٽل جي آسپاس معاهدي تحت فٽ پاٿ کان حددخليون ختم ڪرايون وڃن.

You might also like