سنڌ حڪومت طرفان عيد کان اڳ سرڪاري ملازمن کي پگهارون ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ حڪومت عيد کان اڳ سرڪاري ملازمن کي پگهارون ادا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ناڻي کاتي طرفان جاري ڪيل پريس ريليز موجب سمورن ملازمن کي 31 مئي تائين پگهارن جي ادائيگي ڪئي ويندي.

پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سمورن خودمختيار ڪارپوريشنز ۽ مڪاني ملازمن کي به عيد کان اڳ پگهارون ادا ڪيون وينديون.

ان کان علاوه سنڌ حڪومت سمورن پنشنرز کي به عيد کان اڳ پنشن ادا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like