سنڌ اسيمبلي ۾ نئين مالي سال 20-2019ع جي سالياني بجيٽ پيش

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ نئين مالي سال 20-2019ع جي سالياني بجيٽ پيش ڪندي چيو آهي ته ڌڻي سائينءَ جي اڻ ڳڻين ڪرم نوازين، سنڌ جي عوام ۽ پارٽي قيادت جي بدولت آئون اڄ هن مقدس ايوان ۾ مالي سال 20-2019ع جي سالياني بجيٽ پيش ڪري رهيو آهيان.

هن اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي چيو ته هيءَ بجيٽ اسانجي هلندڙ حڪومتي دور جي ٻي بجيٽ آهي، جيڪا سندس پارٽي قيادت اسانجي پاليسين ۽ هن ملڪ ۽ صوبي جي عوام جي خدمت ڪرڻ واري اڻ کٽ جذبي جي تسلسل جو اظهار آهي. عوام ۽ جمهوريت لاءِ اسان جون قربانيون تاريخ جي ورقن مان ڪڏهن به مٽجي نه ٿيون سگهجن.

بجيٽ پيش ڪرڻ جي هيءَ ذميواري اسان کي پياري ملڪ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح طرفان سونپي وئي.

وڏي وزير مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام اسانجي پاليسين تي اعتماد جو کُلي دل سان اظهار ڪيو آهي. اسانجي قيادت جي بي لوث خدمت، سندن رهنمائي ۽ هن ملڪ جي ماڻهن سان سندن محبت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ  جي هر ڪارڪن لاءِ رهنماءَ اصول آهن.

اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظيرڀٽو جي فلسفي مان اتُساهه حاصل ڪندا رهندا آهيون، اسان پنهنجي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي جمهوري نظرين جي حقيقي جذبي ۽ ماڻهن جي بي لوث خدمت جو عڪس سمجهون ٿا ۽ صدر آصف علي زرداري کي اسان سمورن نظرين جو سنڀاليندڙ ۽ جمهوريت جو حقيقي چيمپيئن تصور ڪندا آهيون.

هن چيو ته آئون ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪريان ٿو ته اسين عوام جا خادم آهيون، اسين سندن ڀروسي جا محافظ ۽ سنڌ جي عوام جي بنا ڪنهن ذات پات، جنس ۽ مذهب جي متڀيد جي سندن خدمت ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون.

سنڌ ڌرتي هتان جي عوام جي آهي ۽ اسين ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرون ٿا ته هتان جي هر شهريءَ کي برابر موقعا فراهم ٿين ۽ هتان جو هر شهري پاڻ کي سگهارو محسوس ڪري سگهن. اسين بيماري ۽ جهالت کي ڪنهن به ريت خوشحاليءَ ۽ ترقيءَ جي رستا روڪ ڪرڻ نه ڏينداسين، اسين عوام جي خدمتگار طور کين معياري تعليم، صحت جون سهولتون ۽ معاشي موقعا فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻائينداسين.

اسين هڪ نظرياتي جماعت سان واڳيل آهيون، اسانجو نظريو هن ملڪ کي هڪ اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت نه رُڳو ٽيڪس اوڳاڙين وارا هدف حاصل ڪري رهي آهي پر ٽيڪس وصولين جي هدفن کان به وڌيڪ ٽيڪس اوڳاڙي ڪري رهي آهي.

وفاقي حڪومت ۽ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ روينيو بورڊ تسلسل سان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي. 11-2010ع دوران وفاقي حڪومت پاران ٽيڪس وصوليون رڳو 16.6 بلين رپيا هيون پر سنڌ حڪومت آهستي آهستي پنهنجون ٽيڪس وصوليون وڌائيندي آئي آهي ۽ سال 18-2017ع دوران اسان 100 بلين رپيا ٽيڪس اوڳاڙيو جڏهن ته ايندڙ سال 20-2019ع لاءِ اسان ٽيڪس وصولين جو هدف 145 بلين رپيا مقرر ڪيو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نئين مالي سال 20-2019ع جي 12، کرب، 17 ارب رپين جي بجيٽ پيش ڪئي، ترقياتي خرچن لاءِ 284 ارب رپيا مختص، غربت گهٽائڻ ج نئين بجيٽ ۾ ملازمن جي پگھارن ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي.

وڏي وزير سنڌ اسيمبليءَ جي ايوان ۾ جيڪا بجيٽ پيش ڪئي ان ۾ آمدني ۽ خرچن جو ڪاٿو 12 کرب، 17 ارب، 89، ڪروڙ 79 لک رپيا لڳايو ويو آھي.

نئين سال جي بجيٽ ۾ سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ 208 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آھن، جڏھن تھ مجموعي طور تي ترقياتي خرچن تي 284 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا جن ۾ ضلعي ترقياتي منصوبن تي 20 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا.

اسڪول ايجوڪيشن لاءِ 178.618 ارب رپيا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ترقياتي بجيٽ لاءِ 15.15 ارب رپيا سالياني ترقياتي پروگرام 20-2019ع لاءِ رکيا ويا آهن.  وڏي وزير چيو ته ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي 18 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته سالياني ترقياتي پروگرام 20-2019ع لاءِ 4 ارب رپيا پڻ رکيا ويا آهن. صحت کاتي لاءِ 114.4 ارب رپيا مالي سال 20-2019ع لاءِ رکيا ويا آهن. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ امن امان جي شعبي جي غيرترقياتي بجيٽ 109.788 ارب رپيا ڪئي وئي آهي.

وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت مالي سال 20-2019ع جي ترقياتي بجيٽ ۾ سماجي تحفظ ڏيڻ ۽ غربت کي گهٽائڻ واري پروگرام جي لاءِ 12.3 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ پاران 20-2019ع جي مالياتي سال لاءِ 22.95 ارب رپين جي لاڳت جا 13 نوان منصوبا شروع ڪرڻ لاءِ  مالي سال 20-2019ع ۾ 6.25 ارب رپيا رکيا آهن.  مالي سال 20-2019ع ۾ توانائي جي شعبي لاءِ غيرترقياتي منصوبن لاءِ 23.883 ارب رپين کان وڌائي 24.920 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

زراعت کاتي جي سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ 8.4 ارب رپين جي بجيٽ رکي وئي آهي، سيد مراد علي شاھھ چيو تھ سنڌ صوبي کي سر سبز ۽ ماحول دوست بڻائڻ لاءِ “سرسبز سنڌ” رٿا ذريعي ايندڙ پنجن سالن اندر 10ڪروڙ وڻ پوکيا ويندا، ٻيلو کاتو مالي سال 20-2019ع دوران 200000 وڻ پوکڻ جو ٽارگيٽ حاصل ڪندو. سالياني ترقياتي پروگرام ۾ آبپاشي شعبي جي 210 هلندڙ ۽ 63 نئين اسڪيمن لاءِ 22 ارب رپيا رکيا ويا آهن، سنڌ اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ ۾ اي ون گريڊ ماڻيندڙ سمورن شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني ويندي.

حڪومتي ڪاميابي هر ملازم جي انفرادي ڪارڪردگي سان سڌو سنئون واسطو رکي ٿي. سنڌ حڪومت جا سمورا ملازم منهنجي لاءِ اهميت رکن ٿا. اسان ايندڙ مالي سال 20-2019ع دوران سمورن سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرز لاءِ 15 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس تجويز ڪري رهيا آهيون.

سنڌ حڪومت 17 کان 20 گريڊ جي ڊاڪٽرن جي لاءِ اسپيشل هيلٿ ڪيئر الائونس متعارف ڪرايو آهي ۽ هيلٿ پروفيشنل الائونس پڻ وڌايو آهي.

 پوليس کاتي جي شهيد ٿيندڙ اهلڪارن لاءِ معاوضي جو پيڪيج ٻيڻو ڪندي 5 ملين رپين مان وڌائي 10 ملين رپيا ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ مالي سال 20-2019ع جي بجيٽ ۾ 2 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.

سنڌ سرڪار تعليم جي شعبي لاءِ بجيٽ وڌائي 178 ارب رُپيا مخصوص ڪري ڇڏيا، نون اسڪولن، ڪاليجن ٺاهڻ سان گڏ نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ جا پروگرام به شامل ڪيا ويا آهن، اسڪول ايجوڪيشن لاءِ 19-2018ع ۾ غيرترقياتي بجيٽ 170.832 ارب رپين مان وڌائيندي 20-2019ع لاءِ 178.618 ارب رپيا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ترقياتي بجيٽ لاءِ 15.15 ارب رپيا سالياني ترقياتي پروگرام 20-2019ع لاءِ رکيا ويا آهن.

سنڌ ايجوڪيشن سيڪٽر پلان ۽ روڊ ميپ (23-2019ع) جوڙيو ويو .   جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن جي ڇوڪرين کي اسڪولن تائين پهچائڻ لاءِ بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.

نئين مالي سال دوران ٻارن جي تعليم کي هٿي ڏيارڻ لاءِ 1500 وڌيڪ ڪلاسز تعمير ڪرائڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي.

وڏي وزير ٻڌايو ته تعليم کاتي ۾ 279 رٿائن (188 هلندڙ ۽ 91 نيون رٿائون) لاءِ 15.15 ارب رکيا ويا آهن.

بجيٽ ۾ اعلان ڪيو ويو ته عمارتن کان محروم  پرائمري اسڪولز کي 6 ڪلاس رومز تي ٻڌل اسڪولز قائم ڪري ڏنا ويندا.

بجيٽ ۾ هلندڙ مالي سال دوران هڪ هزار 772 پرائمري توڙي سيڪنڊري اسڪولز جي لاءِ رقمون مخصوص ڪيون ويون آهن.

سنڌ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ اڳتي وڌي ارلي چائلڊ هوڊ ڪيئر ۽ ايجوڪيشن پاليسي منظور ڪندي 1500 ارلي چائيلڊ ايجوڪيشن ڪلاس سرڪاري اسڪولن ۾ قائم ڪري ڇڏيا جڏهن ته وڌيڪ 1500 ارلي چائلڊ ايجوڪيشن ڪلاس ايندڙ سال 20-2019ع ۾ شروع ڪرڻ جو پڻ منصوبو جوڙيو آهي.

اسڪول ايجوڪيشن تحت، 19-2018ع ۾ “بحالي ۽ واڌاري جي خصوصي ڌيان هيٺ” 4560 اسڪولن کي اوليتن ۾ شامل ڪيو ويو.

اسڪول ايجوڪيشن کاتو جون 2019ع تائين 1437 يونٽ مڪمل ڪندو. وڌيڪ 1973 سرڪاري اسڪولن ۾ صاف ۽ محفوظ پاڻي جي سهولتن ۽ وڌيڪ اسڪولن ۾ صاف ۽ محفوظ پاڻي جون نيون ترقياتي اسڪيمون ڏنيون وينديون.

تعليم ۽ خواندگي پورٽ فوليو کي 279 اسڪيمن (188 جاري ۽ 92 نئين) لاءِ 15.15 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

35 ماڊل اسڪولن ڪامپليڪس جي تياري جن ۾ پرائمري اسڪولن هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويندو.

4560 خاص ڌيان وارن اسڪولن مان 42 اسڪيمون ٻنهي پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن جون 1772 اسڪيمون 20-2019ع ۾ مڪمل ڪيون وينديون.

سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن لاءِ ايندڙ مالي سال 20-2019ع جي بجيٽ ۾ اسان 9.597 ارب رپيا رکيا ويا. ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي 19-2018ع جي غيرترقياتي بجيٽ 15.777 ارب رپين مان وڌائيندي ايندڙ سال 20-2019ع لاءِ 18.094 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته سالياني ترقياتي پروگرام 20-2019ع لاءِ 4 ارب رپيا پڻ رکيا ويا

ڪاليج ايجوڪيشن جي شعبي ۾ 20-2019ع جي سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ اهم قدم کنيا ويندا، جن ۾  17 نوان ڊگري ڪاليج جيڪي ڪراچي جي (ڪورنگي، ملير، ويسٽ) حيدرآباد، عمرڪوٽ، سکر، ڄامشورو، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ قائم ڪيا ويندا. گڏاپ ۽ پنوعاقل جي ڪيڊٽ ڪاليجن ۾ 20-2019ع لاءِ گهربل سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

سنڌ سرڪار  بجيٽ ۾ يونيورسٽيز ۽ تعليمي بورڊز لاءِ ترقياتي ۽ غيرترقياتي بجيٽ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو، نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز لاءِ 3 ارب رُپيا رکيا ويا.

يونيورسٽيز ۽ تعليمي بورڊز لاءِ غيرترقياتي بجيٽ 9.529 ارب رپين مان وڌائيندي سال 20-2019ع لاءِ 10.585 ارب رپيا ڪئي وئي آهي.

 يونيورسٽيز ۽ بورڊ لاءِ، حڪومت 3 ارب رپيا 20-2019ع لاءِ رکندي مختلف قدمن ذريعي هائير ايجوڪيشن/ اعليٰ تعليم لاءِ خرچ ڪيا ويندا.

انهن ۾ سکر آءِ بي اي ۾روبوٽڪس سينٽر، آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ بلاڪ چين ٺاهڻ، ٿر ۾ اين اي ڊي جو ڪيمپس، ٿر انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي،   بدين ۽ ميرپورخاص ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ڪيمپسز قائم ڪرڻ شآمل آهي.

بجيٽ ۾ نئين مالي سال لاءِ صحت واري کاتي ۾ طبي تعليم کان سواءِ هلندڙ خرچن ۾ 96.8 ارب رپين مان 19 سيڪڙو وڌائيندي 114.4 ارب رپيا رکيا ويا آهن ان بابت وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته مالي سال 19-2018ع لاءِ 13.5 ارب رپيا 170 اسڪيمن لاءِ رکيا ويا ۽ هلندڙ مهيني جي 3 جون تائين 8.01 ارب رپين جي جاري رقم مان 4.61 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا ۽ جون جي آخر تائين 12 اسڪيمون مڪمل ٿينديون

 اهڙين اسڪيمن تحت لياقت يونيورسٽي اسپتال ۽ غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج اسپتال سکر ۾ 50 بسترن تي ٻڌل ميڊيڪل ۽ سرجيڪل آءِ سي يو قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته ويڪسينيٽرز جي تعداد کي 2768 تائين وڌايو ويو آهي جنهن تحت وڌيڪ 1733 ويڪسينيٽرز جي مقرري جو مرحلو نئين مالي سال ۾ شروع ڪيو ويندو.

ٽي بي ڪنٽرول پروگرام تحت 350 بي ڊاٽس ڪلينڪس ۾ فوري طور تي ٽي بي جي تشخيص ۽ ٻن ڪلاڪن اندر دوائن جي اثر ڪرڻ واريون 110 مشينون پڻ نصب ڪيون وينديون.

سالياني ترقياتي پروگرام اي ڊي پي 20-2019ع لاءِ هن شعبي ۾ 13.50 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا جنهن تحت سي ايم سي لاڙڪاڻي ۾ مختلف شعبن ۾ مشينري ۽ اوزارن جي خريداري لاءِ 600 ملين رپيا رکيا ويا آهن.

ڪميونٽي مينٽل هيلٿ سروس پروگرام جي سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ 275.00 ملين رپيا رکيا ويا آهن. ڄامشورو ۾ جائيڪا جي تعاون سان ماءُ ۽ ٻارن جي صحت جي مرڪزن جو قيام ۽ سکر ۾ پي پي پي موڊ ذريعي ترقياتي فنڊن ذريعي 200 بسترن تي ٻڌل اسپتال جو قيام شامل آهي.

بجيٽ دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته 20-2019ع ۾ صحت سان لاڳاپيل 43 اسڪيمن جي مڪمل ٿيڻ سان صحت واري کاتي ۾ وڌيڪ بهتري ايندي انهن قدمن کي اميونائيزيشن، ايڊز، هيپاٽائيٽس، مليريا، ٽي بي ڪنٽرول، نابينه پن تي ڪنٽرول جي حفاظتي پروگرامن کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ 4.08 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

سنڌ حڪومت نئين مالي سال ۾ گڙدن جي مرض کان ڇوٽڪاري واري اداري ايس آءِ يو ٽي کي 5.6 ارب رپيا گرانٽ طور فراهم ڪيا آهن ته جيئن اها ڪراچي ۾ پنهنجي خدمتن ۽ ٻين شهرن ۾ نوان قدم برقرار رکي سگهي.

سنڌ حڪومت جگر جي پيوند ڪاري لاءِ پير عبدالقادر شاهه جيلاني انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز گمبٽ کي 60 سيڪڙو گرانٽ وڌائيندي نئين مالي سال ۾ 3.6 ارب رپيا مختص ڪيا آهن.

 صوبي جي غريب عوام لاءِ رت جي بيمارين کان ڇوٽڪاري لاءِ نئين مالي سال ۾ 500 ملين رپيا رکيا ويا آهن. هڪ ارب رپيا ايڇ آءِ وي/ايڊز جي مريضن جي ڀلائي لاءِ انڊونمينٽ فنڊ رکيو ويو آهي.

امن امان جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبائي حڪومت جو چوڻ آهي ته امن امان جي صورتحال جو عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي سان سڌو سنئون تعلق آهي ان کي ترجيح ڏيندي امن امان جي شعبي جي غير ترقياتي بجيٽ ايندڙ مالي سال 20-2019ع ۾ 100.483 ارب رپين مان وڌائي 109.788 ارب رپيا ڪئي وئي آهي

ان بابت وڌيڪ چيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال دوران صوبائي حڪومت اهم هدف حاصل ڪيا آهن جنهن تحت سنڌ جي پوليس اسٽيشنن ۽ آفيسن ۾ آءِ ٽي ليب ۽ رپورٽنگ روم جو قيام، سيڪيورٽي فورسز جي شهيد ۽ زخمي ٿيل اهلڪارن کي 1000 ملين رپين جي مختص ڪيل رقم مان معاوضو ادا ڪرڻ، پاڪ آرمي جي تربيتي مرڪزن مان 661 ملين رپين جي خرچ سان نون ڀرتي ٿيل پوليس اهلڪارن جي تربيت سميت ٻيا اهم هدف شامل آهن.

اين ٽي ايس ذريعي 3690 پوليس اهلڪارن جي ڀرتي 4507 اهلڪارن جي ڀرتي جو عمل جاري آهي. مالي سال 20-2019ع ۾ مختلف رٿائن جو هڪ وڏو انگ تجويز ڪيو ويو آهي جنهن جو وچور هيٺئين ريت آهي. سي ٽي ڊي جي ٻيهر بحالي ۽ ڪائونٽر ٽررزم جي طرز تي پيشيور ۽ پيشي سان سچائي رکندڙ فورسز جي پيداوار اي ڊي پي اسڪيم تحت واڌو 259 رپورٽنگ رومز قائم ڪندي، پوليس فورس ۾ حقيقي کوٽ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ مختلف گريڊز جون 3000 هزار آساميون پيدا ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي آهي.

سنڌ حڪومت نئين مالي سال 20-2019ع جي ترقياتي بجيٽ ۾ سماجي تحفظ ڏيڻ ۽ غربت کي گهٽائڻ واري پروگرام جي لاءِ 12.3 ارب رپيا مختص ڪيا آهن جنهن تحت مختلف ٽن اهم پروگرامن تي ڪم ڪيو ويندو جنهن ۾ پيپلز پاورٽي رڊڪشن پروگرام (پي پي آر پي) پاورٽي رڊڪشن اسٽريٽجي (پي آر ايس) ۽ سوشل پروٽيڪشن شامل آهن.

انهن ٽنهي پروگرامن بابت چيو ويو آهي ته ايڪسيلريٽيڊ ايڪشن پلان (اي اي پي) ايمبريلا پروگرام هيٺ کاڌ خوراڪ جي معيار جي بهتري، غذائي کوٽ، ٻار جي واڌ ويجهه جي گهٽتائي واري عمل تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اهي ٽئي پروگرام سنگ ميل ثابت ٿيندا.

پي پي آر پي يوسي بيسٽ پاورٽي رڊڪشن پروگرام آهي جيڪو شروعاتي طور تي پائليٽ پروجيڪٽ تحت شڪارپور ۽ ڪنڌ ڪوٽ ۾ شروع ڪيو ويو هو، نئين مالي سال ۾ وڌيڪ 8 ضلعا يورپي يونين جي 62.0 ملين يورو جي فنڊنگ سان هلندڙ پروگرامن تحت شامل ڪيا ويندا.

هن پروگرام تحت 4 لک کان وڌيڪ گهرن کي متحرڪ ڪيو ويندو جن بنا وياج جي قرض فراهم ڪرڻ ۽ هنري صلاحيتون وڌائڻ جا موقعا ڏنا ويندا. نئين مالي سال 20-2019ع جي بجيٽ تحت پي پي آر پي وڌيڪ 6 ضلعن گهوٽڪي، سکر، نوشهرو فيروز، شهيد بينظير آباد، حيدرآباد ۽ ڪراچي جي ٻهراڙي وارين يونين ڪائونسلن تي وڌايو ويندو.

ايڪسيلريٽيڊ ايڪشن پلان (اي اي پي) تحت ٻارڙن ۾ واڌ ويجهه واري عمل جي گهٽتائي کي 21-2020 تائين 48 سيڪڙو کان 30 سيڪڙو تائين پهچائڻ ۽ 2026ع تائين 15 سيڪڙو تائين گهٽائڻ جو هدف حاصل ڪيو ويندو جنهن جي لاءِ لاڳاپيل کاتن صحت، آبادي جي ڀلائي، مڪاني ادارا، زراعت، چوپائي مال ۽ ماهيگيري وارن کاتن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون.

صوبائي حڪومت جو چوڻ آهي ته سنڌ صوبو ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ شهري آبادي وارو صوبو آهي جنهن ۾ ملڪ جي 34 سيڪڙو شهري آبادي آهي جنهن جي ڪري واٽر سپلاءِ، سيوريج ۽ سالڊ ويسٽ مئنجمينٽ سروسز تي دٻاءُ پوي ٿو، صوبي جي آبادي 47.886 ملين آهي جنهن ڪري 1538 ايم جي ڊي پاڻي جي ضرورت آهي.

هن وقت 30 کان 40 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي. گذريل مالي سال ۾ سنڌ حڪومت 37.73 ارب رپين جي لاڳت جو 267 اسڪيمون شروع ڪيون جن مان 27 اسڪيمون مڪمل ڪيون ويون ۽ هلندڙ مالياتي کوٽ سبب انهن منصوبن تي خرچ گهٽ ڪيو ويو.

 15.90 ارب رپيا جاري ڪيا ويا جن مان هلندڙ مالي سال جي جون جي آخر تائين 7.87 ارب خرچ ٿي سگهيا. نئين مالي سال 20-2019ع جي اي ڊي پي ۾ حڪومت 35.90 ارب رپيا رکيا آهن اها رقم گذريل مالياتي سال جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي پر اي ڊي پي جي حصي مان ڪافي بهتر قرار ڏني وئي آهي، ايندڙ مالي سال ۾ 372 منصوبن مان 218 منصوبا مڪمل ڪيا ويندا.

پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ لاءِ نئين مالي سال ۾ 22.95 ارب رپين جي لاڳت جا 13 نوان منصوبا شروع ڪرڻ لاءِ 6.25 ارب رپيا رکيا ويا آهن جنهن ۾ شهري علائقن جي سيوريج جي ڪئنالن ۽ ڍنڍ ۾ ڇوڙ کي روڪڻ لاءِ 3.57 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

 غير فعال واٽر سپلاءِ اسڪيمن جي بحالي لاءِ فيز-2 ۾ 4.01 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

نئين مالي سال جي بجيٽ جي دستاويزن ۾ روڊ سيڪٽر کي پڻ اهميت ڏني وئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مالي سال 20-2019ع ۾ لوڪل گورنمينٽ ۽ ورڪس سروسز جي 431 منصوبن لاءِ 26.86 ارب رپيا رکيا ويا آهن جن مان 192 وڏيون اسڪيمون مڪمل ڪيون وينديون.

سنڌ پراونشل روڊ ايمپرومينٽ پروجيڪٽ (اي ڊي بي) تحت 22.75 ارب رپين جي لاڳت سان 328 منصوبا شامل آهن جنهن ۾ ٺل کان ڪنڌڪوٽ تائين 44 ڪلو ميٽر روڊ جي تعمير، شيران پور کان رتوديرو 36 ڪلو ميٽر، سانگهڙ کان سنڌڙي بذريعه ميرپور خاص تائين 63 ڪلو ميٽر، ٽنڊو محمد خان کان بدين 66 ڪلو ميٽر، ڊگهڙي کان نئون ڪوٽ تائين 55 ڪلو ميٽر، خيبر کان سانگهڙ بذريعه ٽنڊو آدم 64 ڪلو ميٽر ۽ اسٽيل مل کان گهگهر ڦاٽڪ ۽ 13 ڪلو ميٽر ڊبل روڊ  ڪيريج وي جي بحالي وارا منصوبا شامل آهن.

نئين مالي سال 20-2019ع ۾ توانائي واري شعبي لاءِ غير ترقياتي منصوبن لاءِ 23.883 ارب رپين مان وڌائي 24.920 ارب رپيا رکيا ويا آهن جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي توانائي جي مسئلي جو حل سنڌ وٽ آهي.

ٿر ڪول ۽ جمهمپير ونڊ ڪوريڊور پاڪستان جي توانائي جي گهرج کي پورو ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندا. سنڌ جي توانائي واري کاتي مالي 19-2018ع صوبي جي ڪيترن ئي ڳوٺن کي بجلي ۽ گئس حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي، ايندڙ مالي سال 20-2019ع ۾ بجلي جي فراهمي لاءِ 590 ملين رپيا رکيا ويا آهن جن ۾ هيٺيان منصوبا شامل آهن.

جون 2020ع تائين 570 ڳوٺن ۾ بجلي جي فراهمي، 248 پرائمري هيلٿ مرڪزن کي سولر ٽيڪنالاجي ذريعي بجلي جي فراهمي، ورلڊ بئنڪ جي مدد سان سنڌ سولر انرجي پراجيڪٽ تحت 420 ميگاواٽ آن گرڊ ۽ ڇتين تي سولر جي تنصيب ۽ 2 لک گهرن کي سولر سسٽم جي فراهمي شامل آهي.

صوبائي حڪومت نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ آبپاشي واري کاتي کي اهميت ڏني آهي جنهن ۾ آبپاشي نظام جي لاءِ 20-2019ع جي غير ترقياتي بجيٽ جي مد ۾ 22.744 ارب رپين مان وڌائي 23.070 ارب رپيا ڪيا ويا آهن.

آبپاشي بابت چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ کي سڀ کان گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي 73 سيڪڙو علائقو جو پاڻي کارو ٿي چڪو آهي، سنڌ جي آبپاشي نظام ۾ 3 وڏا بئراج ۽ 14 وڏا ڪئنال آهن جن جو ٽوٽل ڪمانڊ ايريا 13.2 ملين ايڪڙ ۽ انهن جي پاڻي جي گنجائش هڪ لک 34 هزار ڪيوسڪ آهي جنهن کي مرمت جي فوري ضرورت آهي.

نئين مالي سال 20-2019ع جي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ ايريگيشن شعبي جي 210 هلندڙ ۽ 63 نين اسڪيمن لاءِ 22 ارب رپيا رکيا ويا آهن جن مان آبپاشي کاتو مختلف منصوبن تي ڪم ڪندو جن ۾ 11.5 ارب رپين جي لاڳت سان 163 منصوبن کي مڪمل ڪيو ويندو.

گڊو بئراج جي بحالي وارو ڪم هلندڙ آهي، ورلڊ بئنڪ جي مدد سان سکر بئراج جي بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويندو. 1.53 ارب رپين جي لاڳت سان نئون ڪوٽ برانچ ميرپور خاص جي لائننگ ڪئي ويندي، هڪ ارب رپين جي لاڳت سان خيرپور ضلعي ۾ سولر ٽيوب ويلز جي تنصيب 800 ملين رپين جي لاڳت سان عمر ڪوٽ ۾ پاڻي جي اسڪيم ۽ ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ 834.213 ملين رپيا رکيا ويا آهن.

بجيٽ دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ختم ٿيندڙ مالي سال 19-2018ع ۾ آبپاشي کاتي لاءِ 33 ارب رپيا رکيا ويا جن مان 22.1 ارب رپيا جاري ڪيا ويا جڏهن ته آبپاشي کاتي پاران 3 جون 2019ع تائين 18.6 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا آهن جن ۾ 56 وڏيون اسڪيمون شامل آهن.

سنڌ حڪومت نئين مالي سال 20-2019ع ۾اڪنامڪ زون ۽  ايجوڪيشن سٽي سميت  سيڙپڪاري کاتي لاءِ 5 اهم منصوبا شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جن ۾ ايجوڪيشن سٽي، ماربل سٽي، اسپيشل اڪنامڪ زون ڌاٻيجي اڪنامڪ زون ۽ سنڌ انٽر پرائيز ڊيولپمينٽ فنڊ (ايس اِي ڊي ايف) شامل آهن.

ايجوڪيشن سٽي بابت 8900 ايڪڙن تي ٻڌل سنڌ ايجوڪيشن سٽي منصوبو اهم منصوبو آهي جنهن ۾ 20 مقامي ۽ بين الاقوامي ادارن کي پنهنجا ڪئمپس قائم ڪرڻ لاءِ زمين الاٽ ڪئي وئي آهي جنهن جو ماسٽر پلان پڻ تيار آهي.

حڪومت ان جي پهرئين فيز ۾ نئين مالي سال کان ڪم شروع ڪندي جيڪو منصوبو 13.9 ارب رپين جي لاڳت سان ايندڙ پنجن سالن ۾ مڪمل ٿيندو. ماربل سٽي کي ڪراچي ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري ترقي لاءِ پڻ اهم منصوبو قرار ڏنو ويو آهي جيڪو نادرن باءِ پاس وٽ 300 ايڪڙن تي ٻڌل آهي.

هن منصوبي تي 2400 ملين رپين جي لاڳت سان ايندڙ مالي سال کان ڪم شروع ڪيو ويندو ۽ اهو پنجن سالن جي مدي ۾ مڪمل ٿيندو. صوبائي حڪومت دنيا ۾ اسپيشل اڪنامڪ زون جي ڪاميابي کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي ٽن زونن کي اسپيشل اڪنامڪ زون جو درجو ڏنو ويو  آهي جيڪي ٽئي سنڌ ۾ آهن جن ۾ خيرپور اسپيشل اڪنامڪ زون، بن قاسم انڊسٽريل پارڪ ۽ ڪورنگي ڪريڪ انڊسٽريل پارڪ ان کان علاوه هڪ ٻيو اڪنامڪ زون منظور ڪيو ويو آهي جيڪو ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون طور هوندو.

صوبائي حڪومت 1530 ايڪڙ زمين ٺٽي ۾ ڌاٻيجي اڪنامڪ زون لاءِ مختص ڪئي آهي جيڪو سي پيڪ ۾ شامل آهي. هن منصوبي ۾ چين جا ڪاروباري ماڻهو پنهنجا نوان ڪاروبار شروع ڪندا يا پنهنجا مرڪز اتي منتقل ڪندا.

صوبائي حڪومت ڪاروباري شعبي ۾ سيڙپڪاري کي همٿائڻ لاءِ سنڌ انٽرپرائيز ڊيولپمينٽ فنڊ پڻ قائم ڪيو آهي جنهن تحت زرعي معيشت کي وڌ کان وڌ هٿي ملندي.

ايس ڊي اي ايف تحت خانگي شعبي ۾ زرعي ڪاروبار کي وڌائڻ لاءِ 9 ارب رپين جي سيڙپڪاري ٿي آهي جڏهن ته 5 ارب رپين جا منصوبا جاري آهن. صوبائي حڪومت جو چوڻ آهي ته روانگي واپار کي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ مالي سهڪار لاءِ 442 ملين رپيا رکيا ويا آهن.

سنڌ  سرڪار  ڪراچي ۾ پاڻي، ٽرانسپورٽ ۽ ٻين ميگا پراجيڪٽس لاءِ رقم رکي ڇڏي، سنڌ سرڪار جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال 20-2019ع تي هيٺين منصوبن تي ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي جنهن ۾ سيوريج لاءِ 36.11 ارب رپين جي لاڳت سان شروع ڪيل ايس-3 منصوبو جنهن تي گذريل هڪ ڏهاڪي کان عملدرآمد جاري آهي.

بنيادي طور وفاقي حڪومت جي 50 سيڪڙو تعاون سان پورو ٿيڻو هو پر بدقسمتي سان وفاق 20-2019ع جي پي ايس ڊي پي مان ان منصوبي کي خارج ڪري ڇڏيو ته وفاقي حڪومت اصل لاڳت 7900 ملين جو 50 سيڪڙو ادا ڪندي اهڙي ريت حڪومت رڳو 3.9 ارب رپين جي ذميواري کنئي آهي پر صوبائي حڪومت ان منصوبي کي پورو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي شهر جي 77 ايم جي ڊي سيوريج واٽر کي صاف ڪرڻ لاءِ ماڙيپور وٽ ٽريٽمينٽ پلانٽ بحال ڪيو ويو آهي.

هارون آباد وٽ ٽريٽمينٽ پلانٽ تي ايندڙ ڊسمبر تائين ڪم شروع ڪيو ويندو جڏهن ته لياري واري علائقي جي 33.32 ڪلو ميٽر تي پکڙيل گندي نالي مان 28 ڪلو ميٽر تي جولاءِ 2019ع تائين ڪم مڪمل ٿي ويندو ساڳئي ريت ملير واري گندي نالي ۽ 180 ايم جي ڊي اي صلاحيت رکندڙ ڪورنگي ٽريٽمينٽ پلانٽ (ٽي پي-4) تي به 20-2019ع جي نئين مالي سال ۾ ڪم شروع ٿي ويندو، ان سلسلي ۾ حڪومت اي پي ڊي ۾ 5 ارب رپيا رکيا آهن.

دستاويزن موجب صوبائي حڪومت 19-2018ع تائين ڪراچي شهر جي ميگا پروجيڪٽس تي 29 ارب رپيا خرچ ڪيا آهن جن تحت 19 وڏا منصوبا مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ملي.

سالياني ترتياتي پروگرام اي ڊي پي 20-2019ع ۾ سنڌ حڪومت 36.0 ارب رپيا رکيا آهن جڏهن ته عالمي ترقياتي پارٽنرز سان پنجن سالن جي عرصي لاءِ انتهائي اوليت وارن شعبن ۾ 1.5 ارب ڊالرز (226 ارب رپيا) جي سيڙپڪاري وارا ٺاهه ڪيا آهن.

ڪراچي شهر جي لوڪل ڪائونسلز ۾ ادارتي سگهه وڌائڻ لاءِ 240 آمريڪي ڊالرز جي لاڳت سان ڪامپيٽيٽيو اينڊ لو ايبلسٽي آف ڪراچي وارو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي جنهن سان شهري جائيداد ٽيڪس واري نظام جي نئين سر جوڙڪ ۽ ڪاروباري موقعن کي وڌيڪ هٿي ملندي.

 ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ کي وڌيڪ سگهارو بنائڻ لاءِ عالمي بئنڪ جي سهڪار سان گهڻ رخي سڌارن وارو پروجيڪٽ شروع ڪيو ويو آهي جنهن جي لاڳت 105 ملين آمريڪي ڊالر آهي.

بي آر ٽي ييلو لائين سفري سهولتن جو هڪ ٻيو ميگا پروجيڪٽ جنهن جي لاڳت 438 ملين آمريڪي ڊالر آهي، ان بابت وڌيڪ چيو ويو آهي ته بي آر ٽي ريڊ لائن جيڪو شهر ۾ مکيه ٽرانسپورٽ ڪوريڊور قائم ڪرڻ لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار سان 561 ملين ڊالرز جي لاڳت سان هي منصوبو منظور ڪيو ويو آهي جنهن تي ايندڙ مالي سال دوران عملدرآمد شروع ٿي ويندو.

سنڌ حڪومت نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ 6633 نئين نوڪرين جو اعلان ڪيو آهي جنهن جي لاءِ 15 ارب 38 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.

نئين پيدا ڪيل نوڪرين مان وزير اعليٰ سيڪريٽريٽ 17، سروس جنرل ايڊمنسٽريشن لاءِ 34، اينٽي ڪرپشن ۾ 7، ناڻي کاتي ۾ 12، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ۾ 9، گهرو کاتي ۾ 15، سنڌ پوليس ۾ 3 هزار، جيل کاتي ۾ 29 ۽ قانون ۽ پارلياماني کاتي ۾ 388 نيون نوڪريون ڏنيون وينديون.

اهڙي ريت زراعت کاتي ۾ 50، لائيو اسٽاڪ ۾ 46، بورڊ آف روينيو ۾ 15، ڪوآپريٽو ۾ 11، آبپاشي کاتي ۾ 91، انرجي ۾ 18، مائينز اينڊ منرل ۾ 3، ليبر ۾ 7، ورڪس اينڊ سروسز ۾ 39، ايجوڪيشن ۾ ورڪس ۾ 14، ٽرانسپورٽ ۾ 15، جهنگلي جيوت ۽ ٻيلي کاتي ۾ 3، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۾ هڪ، صحت کاتي ۾ 233، انفارميشن ۽ آرڪائيوز کاتي ۾ 10، ثقافت کاتي ۾ 2، ايجوڪيشن ايڊمنسٽريشن ۾ 111 ۽ پرائمري ايجوڪيشن ۾ 1286 نيون نوڪريون ڏنيون وينديون.

ساڳئي طرح ايليمينٽري مڊل ايجوڪيشن ۾ 442، سيڪنڊري ايجوڪيشن ۾ 299، هائير سيڪنڊري ۾ 116، ڪاليجز کاتي ۾ 218، اسپيشل ايجوڪيشن ۾ 15، پاپوليشن ويلفيئر کاتي ۾ 47، عورتن جي ترقي واري کاتي ۾ 2، سوشل ويلفيئر ۾ 7 ۽ هيومن رائيٽس ۾ 8 نيون نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

صوبائي حڪومت جو چوڻ آهي ته زراعت ملڪي اقتصادي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري پئي ۽ مجموعي ملڪ جي ورڪ فورس مان 42.3 سيڪڙو لاءِ روزگار جا موقعا پڻ پيدا ڪري ٿي.

ملڪ جي جي ڊي پي ۾ 18.9 سيڪڙو حصو ڏئي پئي جڏهن ته ڪُل چانورن جي پيداوار ۾ سنڌ حصو 36 سيڪڙو، ڪمند جي پيداوار ۾ 29، ڪپهه جي پيداوار ۾ 34 سيڪڙو ۽ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 15 سيڪڙو سنڌ جو حصو آهي.

مالي سال 19-2018ع ۾ هن کاتي کي جاري ڪيل 1.74 ارب رپين مان 893.14 ملين رپيا خرچ ٿيا.

سالياتي ترقياتي پروگرام 20-2019ع ۾ هن کاتي لاءِ 8.4 ارب رپين جي بجيٽ رکي وئي آهي جنهن منجهه پرڏيهي سهڪار جا 4.7 ارب رپيا پڻ شامل آهن.

ايندڙ مالي سال 20-2019ع ۾ زراعت کاتي پاران ڪجهه هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين جن ۾ سنڌ ايريگيٽيڊ ايگريڪلچر پرڊڪٽوٽي انهانسمينٽ پروجيڪٽ ذريعي 1850 واٽر ڪورسز جي لائننگ ڪرڻ هارين کي 400 ٿريشر، 400 روٽا ويٽر، 400 زيرو ٽائليج، 500 آٽو لوڊرز، 20 هزار پاور اسپيئرز ۽ 500 ٽريڪٽر ٽراليون فراهم ڪرڻ لاءِ سبسڊي ڏيڻ، 20 هزار ميٽرز آن فارم ڊرينيج اسٽريڪچر فراهم ڪيا ويندا.

هڪ لک 25 هزار هيڪٽر زمين کي سڌو ڪندڙ مشينري ۽ 150 ايڪڙن لاءِ هاءِ ٽنل فارمنگ 870 هارين کي ڊرپ ايريگيشن جي فراهمي شامل آهي.

نئين مالي سال 20-2019ع ۾ لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز جي شعبن لاءِ 2 ارب رپيا رکيا ويا آهن جنهن بابت اميد ڪئي پئي وڃي ته لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتو رکيل رقم مان 20 رٿائون مڪمل ڪندو.

لائيو اسٽاڪ بابت وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ لائيو اسٽاڪ جو اهم ڪردار هوندو ان شعبي جو ملڪ جي جي ڊي پي ۾ 11.1 سيڪڙو حصو آهي ۽ ان پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ 18-2017ع دوران 58.9 سيڪڙو واڌارو آندو، اهو شعبو گهڻن مزدورن جي تقاضا ڪندڙ آهي ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ وڌ ۾ وڌ مزدور طبقو ان سان سلهاڙيل آهي جيڪو روڪ آمدني جو پڻ وڏو ذريعو هئڻ سان گڏوگڏ اڪثر ڪري ٻهراڙي جي گهراڻن لاءِ آمدني جو واحد ذريعو پڻ آهي.

غربت گهٽائڻ ۽ پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ان بابت وڌيڪ چيل آهي ته سالياني ترقياتي پروگرام 20-2019ع دوران 46 ترقياتي اسڪيمون کنيون ويون جن ۾ ٻه نيون رٿائون به شامل هيون جنهن لاءِ ڪُل 652.5 ملين رپيا جاري ڪيا ويا جن مان 310.8 ملين رپيا خرچ ڪيا ويا.

سنڌ حڪومت نئين مالي سال 20-2019ع ۾ ٻيلي کاتي لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا آهن جنهن سان ايندڙ سال وڻڪاري ۽ ماحول کي سرسبز ۽ شاداب ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويندو.

20 هزار ايڪڙن تي وڻ پوکڻ، ڪچي علائقي ۾ 80 هزار ايڪڙن تي ٻيلن جي ٻيهر بحالي، 600 ڪلو ميٽر روڊن جي سائيڊن ۽ واهن جي ڪپرن تي ٻوٽا لڳائڻ کان سواءِ 40 ملين رپيا نرسرين ذريعي پيدا ڪيا ويندا.

 نئين مالي سال ٻيلن واري شعبي ۾ٻه  اهم رٿائون شامل ڪيون ويون آهن جن تحت گرين پاڪستان پروگرام هيٺ ايندڙ پنجن سالن دوران هڪ ارب وڻ پوکيا ويندا جنهن ۾ وفاقي حڪومت 50 سيڪڙو رقم ڏيندي جڏهن ته 50 سيڪڙو خرچ سنڌ حڪومت برداشت ڪندي.

سنڌ صوبي کي سرسبز ۽ ماحول بنائڻ لاءِ سرسبز سنڌ رٿا ذريعي ايندڙ پنجن سالن اندر 100 ملين وڻ پوکيا ويندا. ٻيلو کاتو مالي سال 20-2019ع دوران 2 لک وڻ پوکڻ جو ٽارگيٽ حاصل ڪندو.

صوبائي حڪومت نئين مالي سال 20-2019ع  ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس تجويز ڪيو آهي، 17 کان 20 گريڊ جي ڊاڪٽرن لاءِ اسپيشل هيلٿ ڪيئر الائونس متعارف ڪرايو آهي ۽ هيلٿ پروفيشنل الائونس پڻ وڌايو آهي، پوليس کاتي جي شهيد ٿيندڙ اهلڪارن لاءِ معاوضو پئڪيج ٻيڻو ڪندي 5 ملين مان 10 ملين رپيا ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ مالي سال 20-2019ع جي بجيٽ ۾ 2 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.

پورهيتن جو گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجورو وفاقي حڪومت جي اعلان ڪيل ريٽ موجب 17 هزار 500 رپيا رکيو ويو آهي. بجيٽ دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته صوبائي حڪومت سمورن مينوئل پينشنرز کي ڊائريڪٽ ڪريڊٽ سسٽم ۾ منتقل ڪرڻ جو سنگ ميل طئي ڪري ورتو آهي هاڻي سمورن 200667 پينشنرز کي ماهوار ادائيگي سندن بئنڪ اڪائونٽس ذريعي بغير پريشاني جي آساني سان ٿي سگهندي.

صوبائي حڪومت يونيورسل ايڪسڊنٽل انشورنس اسڪيم تحت حادثن سبب فوت ٿيلن جي وارثن کي هڪ لک رپيا معاوضي طور ڏيڻ لاءِ نئين مالي سال ۾ هڪ ارب رپيا مختص ڪيا آهن.

ٻئي پاسي سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير دوران مخالف ڌر جو شديد احتجاج ڪيو ويو، اسپيڪر ڊائيس ۽ وڏي وزير جي آڏو بينر کڻي نعريبازي پڻ ڪئي.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، جنهن ۾ دعا کانپوءِ ناڻي کاتي جو قلمدان رکندڙ وڏي وزير بجيٽ تقرير شروع ڪئي ته مخالف ڌر سيٽن تان اٿي بيهي احتجاج ڪيو.

ان بعد مخالف ڌر جا ميمبر هٿن ۾ بينر کڻي اسپيڪر جي ڊائيس آڏو گڏ ٿي ويا، جتي ڪراچي کي پاڻي ڏيو، ايڊز جو خاتمو ڪيو، گو، گو ۽ نو نوجا نعرا هنيا.

وڏي وزير جي بجيٽ تقرير دوران مخالف ڌر جا ميمبرن وڏي وزير سامهون  اچي بينر مٿي ڪري احتجاج ڪيو، ۽ تقرير ۾ خلل وجهڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا،  ان دوران حڪومتي ميمبر به سيٽن تان اٿي اچي وڏي وزير جي چوطرف بيهي رهيا، ان بعد بجيٽ تقرير جي ختم ٿيڻ تائين مخالف ڌر جا ميمبر گوڙ ڪندا رهيا.

هوڏانهن مخالف ڌر سنڌ جي بجيٽ کي عوام جي اميدن جي ابتڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ سرڪار زرعي ٽيڪس لڳائڻ بدران شهري علائقن مان ٽيڪس اوڳاڙي وڌائي شهرين سان ظلم ڪيو آهي.

 ميڊيا سان ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو ته  ڦولن ديوي جي گرفتاري تي پپو ميان پريشان آهي، قوم کي آنٽي ڪرپشن جو اينٽي ڪرپشن ۾ گرفتاري تي مبارڪون ڏيان ٿو، هن چيو ته سنڌ سرڪار جي بجيٽ عوام جي اميدن وٽان نه آهي، بجيٽ گلانس ۾ نامراد وفاق تي 147 ارب رپيا گهٽ ڏيڻ جو الزام لڳايو آهي، پر 605 مان 568 ارب رپيا ملڻ جو اعتراف به ڪري ٿو.

هن چيو ته بجيٽ ۾ ايندڙ سال 203 ارب رپين جي اضافي سان 35 سيڪڙو وڌيڪ پئسا ملڻ جو اعتراف به ڪيو ويو ، صوبي ۾ سيلز ٽيڪس وڌائي 261 ارب رپيا ڪيو ويو جنهن ۾ 22 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، خرچن ۾ ترقياتي خرچ 17 سيڪڙو گهٽايا ويا آهن.

هن چيو ته سنڌ سرڪار وڌيڪ فضول خرچ ڪيا آهن، واٽر بورڊ جو ايم ڊي چئي ٿو ته 4 هزار ملازمن جي ضرورت آهي پر اتي 12 هزار ملازم ڀرتي ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته سنڌ سرڪار صحت ۽ تعليم جي بجيٽ گهٽ وڌائي آهي.

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي خواجا اظهار الحسن ڳالهائيندي چيو ته سنڌسرڪار چيو ته ٽيڪس فري بجيٽ هوندو پر ڪيترن ئي شعبن تي ٽيڪس لڳايو ويو آهي، چيو ويو ته 120 گز تي ٽيڪس ناهي پر هزار گز جي فليٽ تي ٽيڪس لڳايو ويو آهي.

خواجا اظهار چيو ته سنڌ وفاق تي تنقيد ڪري ٿو پر پاڻ گئس ۽ پئٽرول تي ٽيڪس لڳايو آهي، هن ڀيري سنڌ جو روينيو 40 ارب رپيا وڌي ويو آهي جيڪو شهري علائقن مان ملي ٿو، وڏيرڪي ذهنيت شهرين تي ظلم ڪيو آهي، زرعي ٽيڪس لاڳو نه ڪيو ويو آهي، رڳو شهرين کان ٽيڪس وصولي ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like