سڪندري پلاءُ

شيون:

ٻڪري جو گوشت: اڌ ڪلو

اُٻريل ڪارا چڻا: اڌ پاءُ

چانور: 300 گرام

بصر: 2 عدد

ادرڪ ۽ ٿوم جي پيسٽ:2 کائڻ جا چمچا

گجر: 1 عدد

کير: 1 ڪپ

بادام:50 گرام

پستا:50 گرام

ڪاجو:50 گرام

تيز پتا:2 عدد

ننڍا ڦوٽا:4 عدد

ثابت ڳاڙها مرچ:4 کان 5 عدد

لوڻ: ضرورت موجب

پاڻي: ڏيڍ گلاس

ترڪيب:

پهرين فرائي پان ۾ اڌ پاءُ گيهه، ننڍڙا ڪٽيل بصر 2 عدد، اڌ ڪلو گوشت ۽ به کائڻ جا چمچا ادرڪ ٿوم پيسٽ ملائي ڪري رلايو.جڏهن  گوشت جو رنگ مٽجي وڃي ۽ بصر سهي طرح سان ڳري وڃن ته ان ۾ 2 عدد تيز پتا.دار چيني جو ٽڪرو، چار عدد ننڍا ڦوٽا، هڪ چانهه جو چمچو ثابت زيرو، ڳاڙها مرچ ۽ ٿورو پاڻي وجهي گوشت ڳرڻ جي لاءِ ڇڏي ڏيو. انهي دوران هڪ عدد گجر ڪٽي ڪري گرم پاڻي ۾ وجهو،25 کان 30 منٽ کان پوءِ گوشت ڳري وڃي ته ان ۾ بادام پستا ڪاجو اٻُريل چڻا ۽ چانور  ملايو. هاڻي هلڪي باهه تي چانورن کي ايترو پچايو جيئن چاول کلي ڪري مٿي چڙهي اچن، پوءِ ضرورت موجب لوڻ وجهي ڪري رلايو ۽ 8 کان 10 منٽ دم تي رکي ڇڏيو.

You might also like