ڏندن سان نَنهنَ ڪاٽڻ جا نقصان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڏندن سان ننهن ڪاٽڻ هڪ عام عادت سمجهي ويندي آهي ۽ هڪ اندازي موجب دنيا ۾ تقريبن 20 کان 30 سيڪڙو ماڻهو ان عادت ۾ مبتلا آهن، پر طبي ماهرن ان عادت کي دٻاءَ، بي چيني ۽ احسان ڪمتري جو بنيادي سبب قرار ڏيندا آهن.

ماهرن موجب ننهن جي اندر ڪيترائي جراثيم موجود هوندا آهن، جيڪڏهن ڪو شخص ڏندن سان ننهن ڪاٽڻ جي عادت ۾ مبتلا آهي ته اهو ترت ان عادت مان جان ڇڏائي ڇو جو ان عادت سبب صحت تي خراب اثر پوندا آهن.

ڏندن سان ننهن ڪاٽڻ جي عادت سان نزلي ۽ زڪام جا امڪان وڌي ويندا آهن، ان کان سواءِ قوت مدافعت به سخت متاثر ٿيندي آهي جنهن سبب جراثيم جسم تي سولائي سان حملو ڪندا آهن.

دي اڪيڊمي آف جنرل ڊينٽسٽري موجب ننهن چٻاڙڻ جي عادت سان نه رڳو اسان جي ڏندن ۽ مهارن کي سخت نقصان رسندو آهي پر ان سبب هاضمي جو نظام به متاثر ٿيندو آهي.

ان عادت ۾ مبتلا ماڻهن کي آڱرين جي انفيڪشن ٿيڻ جو خطرو به هوندو آهي ڇو جو ننهن چٻاڙڻ سان آڱرين جي مَرُ سڌي ريت پيٽ ۾ هلي ويندي آهي جيڪا هاضمي، معدي جي خرابي ۽ پيٽ جي سور جهڙين بيمارين کي جنم ڏيندي آهي.

طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ان عادت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ چوئنگ گم جو استعمال اثرائتو آهي ته جيئن ذهن ننهن چٻاڙڻ بابت نه سوچي.

خبردار جيڪڏهن ان بيماري مان ڇوٽڪارو حاصل نه ڪيو ويو ته اها عادت بيمارين جو شڪار ڪري سگھي ٿي ۽ صحت مند زندگي تان به هٿ کڻڻو پئجي سگھي ٿو.