ڪشمير کي ڪا به امداد نه پئي ڏني وڃي….!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري جو چوڻ آهي ته نوجوان ڪشميرين کي ڀارت جي مختلف جيلن ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي.

تفصيل موجب سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ سڄي دنيا ۾ امن جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي.

وفاقي وزير چيو ته 50 ڏينهن کان ڪشميرين ڀارتي پابندين جي هيٺان گذاري رهيا آهن، هٿين خالي ٻارن ۽ عورتن تي پيلٽ گن سان فائرنگ ڪئي ويندي آهي.

شيرين مزاري وڌيڪ چيو ته انساني بنيادن تي ڪا به امداد والاريل ڪشمير ۾ نه پئي ڏني وڃي، نوجوان ڪشميرين کي ڀارت جي مختلف جيلن ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي.

انساني حقن واري وفاقي وزير چيو ته ڪشمير مسئلي تي هن وقت تائين دنيا خاموش تماشائي بڻيل آهي.

شيرين مزاري وڌيڪ چيو ته هٽلر جي اوتار مودي کي سڄي دنيا ۾ ايوارڊ ڏنا پيا وڃن. هن سوال ڪيو ته بل گيٽس توهان ڇا ٿا سمجهو ته فاشسٽ مودي کي ٽائلٽس بڻائڻ تي ايوارڊ ڏيڻ گهرجي؟

هي به ڏسي سگھو ٿا: عدليا سميت ڪنهن کي به اختيار نه اورانگهڻ گهرجن: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

واضح رهي ته اڄ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ امن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، عالمي يوم امن هر سال 21 سيپٽمبر تي ملهايو ويندو آهي ان جو مقصد ماڻهن ۾ امن جي اهميت ۽ امن جي ضرورت ٻڌائيندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.