ڀارت کي وڏو ڌڪ، شيکر ڌون عالمي ڪپ مان ٻاهر

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي اوپنر شيکر ڌون آڱوٺي جي انجري سبب ٽن هفتن لاءِ عالمي ڪپ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب شيکر ڌون آسٽريليا خلاف ميچ دوران آڱوٺي تي بال لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو هو جنهن کان پوءِ سندس اسڪين ڪيو ويو جنهن جي رپورٽ موجب شيکر ڌون جو آڱوٺو زخمي ٿي پيو آهي.

شيکر ڌون عالمي ڪپ جي ايندڙ ميچون نه کيڏي سگهندو، هلندڙ مهيني ڀارت کي نيوزلينڊ، پاڪستان، افغانستان، ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ خلاف ميچون کيڏڻيون آهن.

شيکر ڌون عالمي ڪپ ۾ ڀارت جو اهم هٿيار آهي ۽ هن آسٽريليا خلاف 117 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ ميچ جي بهترين رانديگر جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو هو.

You might also like