شڪاري گوشت

شيون

گوشت: 2 ڪلو

ليمي جي رس: 1 چمچو

قلمي شورو:  1 چمچو

لوڻ: 1 چمچو

نارنگي جو جوس: 1 ڪوپ

ترڪيب: گوشت صاف ڪري ڇري سان ڏار وجهو. قلمي شورو پيسي ليمي جي پاڻي ۾ وجهي گوشت تي مَليو. ٿورڙا ڪارا مرچ به وجهي ڇڏيو. 2 ڪلاڪن تائين فرج ۾ رکو. گوشت پاڻي ۾ اٻاري ٽڪرا ڪري ڇڏيو ۽ گيهه ۾ تريو.

You might also like