شيخ رشيد ريل حادثي کي انساني غفلت جو نتيجو قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد اڪبر ايڪسپريس حادثي کي انساني غفلت جو نتيجو قرار ڏئي ڇڏيو.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي شيخ رشيد ريل حادثي تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ فوت ٿيندڙن جي وارثن کي 15 لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

شيخ رشيد چيو ته حادثي جي سخت زخمين کي 5 لک ۽ معمولي زخمين کي 2 لک رپيا ڏنا ويندا.

ريلوي واري وزير جو چوڻ هو ته اڪبر ايڪسپريس غفلت سبب حادثي جو شڪار ٿي آهي، حادثو انساني غفلت جو نتيجو آهي، ان ۾ ڪانٽي وارو ملوث آهي جڏهن ته پٽڙي جي صورتحال تسلي بخش ناهي،  جڏهن ته حادثي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ريلوي ۾گهڻي ڪرپشن آهي جنهن کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ وقت لڳندو، حادثن جي مڪمل جاچ ٿيندي آهي، حيدرآباد ٽرين حادثي ۾ ٻه سيڪشن آفيسرن کي نوٽيس ڪيو ۽ ٻن ڄڻن کي کاتي مان نيڪالي ڏني وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.