زرداري پنهنجي جان ڇڏائي ويندو…! شيخ رشيد جي دعويٰ

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ آصف زرداري طرفان پئسا ملڻ شروع ٿي ويندا ۽ ٽي چار مهينن ۾ پلي بارگين سان ان جا سڀ ڪيس ختم ٿي ويندا.

ريلوي هيڊ ڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته نواز شريف کي طبي ضرورتن تحت ٻاهر موڪليو پيو وڃي، الله نه ڪري جيڪڏهن کيس ڪجهه ٿئي ها ته معاملو حڪومت جي ڳچيءَ ۾ پئجي وڃي ها.

هن وڌيڪ چيو ته مريم ٻاهر نه پئي وڃي، سندس پاسپورٽ عدالت وٽ آهي، جڏهن ته شهباز شريف وڏي ڀاءُ سان گڏ ويندو، ڇو ته هو وڪيٽ جي ٻنهي پاسن کان کيڏندو آهي، بلاول ۽ مريم هتي رهجي ويندا.

سندس چوڻ هو ته نواز شريف ضمانت تي آهي، سندس ڪيس ختم ناهن ٿيا، جڏهن ته سلمان ۽ حمزا، شهباز شريف جي مجبوري آهن.

شيخ رشيد دعويٰ ڪئي ته آصف زرداري، خورشيد شاهه، حمزا ۽ سلمان جا ڪيس انتهائي اهم آهن، جيڪي پلي بارگين سان حل ٿيندا، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ آصف زرداري وٽان پئسا ملڻ شروع ٿي ويندا، جنهن جي 3 کان 4 مهينن بعد اڳوڻي صدر جا سمورا ڪيس به پلي بارگين ۾ ختم ٿي ويندا.

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ڌرڻو جيل جي سزا ڪاٽڻ کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ آهي، مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي کي جن پارٽين ڪيش ڪرائڻو هو ڪرائي ڇڏيو، لاشن جي سياست ختم ٿي وئي، فضل الرحمان لاشن جي سياست ڪرڻ چاهي ٿو، هو غريب ڪارڪنن کي وڌيڪ آزمائش ۾ نه وجهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.