منشيات جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون: شهريار آفريدي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته منشيات جي خاتمي واري مشن کي عملي جامو پهرائڻ قدم کڻي رهيا آهيون.

شهريار آفريدي راولپنڊي ۾ اي اين ايف ٿاڻي جو اوچتو دورو ڪري مختلف حصن جو معائنو ڪيو ۽ کيس قيدين کي ڏنل سهولتن، ملازمن جي آفيس ٽائمنگ سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني وئي.

مملڪتي وزير چيو ته منشيات جي خاتمي واري مشن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ اي اين ايف کي سمورين ضروري سهولتن، ٽيڪنالاجي ۽ جديد اوزارن سان ليس ڪنداسين، ملڪ مان منشيات جي لعنت جو خاتمو وزيراعظم عمران خان جو ويزن ۽ منهنجو مشن آهي.

سندس چوڻ هو ته منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث عنصر ٻڌي ڇڏين، عوامي مفادن جو تحفظ پهرين ترجيح آهي، ملڪ کي منشيات جي لعنت کان پاڪ ڪري ساهه پٽينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.