صفوران سانحو: جوابدارن جي موت جي سزا خلاف درخواست تي بچاءَ واري وزارت کان جواب طلب

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ صفوران سانحي جي جوابدارن جي موت جي سزا خلاف درخواست تي بچاءَ واري وزارت کان جواب طلب ڪري ورتو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صفوران سانحي جي جوابدارن جي موت جي سزا خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي پر بچاءَ واري وزارت ۽ گھرو وزارت جواب جمع نه ڪرايا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ بچاءَ واري وزارت ۽ گھرو وزارت کي ايندڙ ٻڌڻي تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن جي وارثن کي ڪيس جا تفصيل نه پيا ٻڌايا وڃن، سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي روشني ۾ هنن کي اپيل داخل ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي، جوابدارن سان وارثن جي ملاقات ڪرائي وڃي ۽ سزا تي عمل درآمد روڪيو وڃي.

واضح رهي ته فوجي عدالت سعد عزيز، منهاس، اظهر عشرت، حافظ ناصر ۽ اسد الرحمان کي صفوران سانحي ۾ ملوث هجڻ تي موت جي سزا ٻڌائي هئي.

You might also like