ڪرپشن بابت آگاهي نه ڏيڻ تي شڪيب الحسن ٻن سالن لاءِ ڪرڪيٽ کان پري

 

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) بنگلاديشي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شڪيب الحسن کي ٻن سالن لاءِ هر قسم جي عالمي ڪرڪيٽ کيڏڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

ڪرڪيٽ جي عالمي نگران اداري طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بدعنواني جي خاتمي جي ڪوڊ (اي سي سي) جي ڀڃڪڙي تي شڪيب الحسن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي.

آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته شڪيب الحسن ڪيترائي ڀيرا بڪيز طرفان آڇن کي رپورٽ نه ڪيو، هن جنوري 2019 ۾ ٽي ملڪي سيريز ۽ آءِ پي ايل ۾ ڪرپشن جي آڇ بابت عالمي اداري کي آگاهي نه ڏني.

هوڏانهن بنگلاديش جي سينيئر آل رائونڊر شڪيب الحسن پاڻ تي لڳايل الزامن کي درست قرار ڏيندي چيو ته مان ضابطن جي ڀڃڪڙي تي ملندڙ سزا کي تسليم ڪيان ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.