شيخ رشيد ڪشمير لاءِ جنگ وڙهندي شهيد ٿيڻ جو خواهشمند

 

سماهني (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته قوم جاڳي چڪي آهي، ڪشمير لاءِ اسان مرنداسين يا ماري رهنداسين، اهڙو موقعو وري ڪڏهن نه ايندو.

آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي سيڪٽر ڀمبر ۾ جلسي کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاڻ لائن آف ڪنٽرول جو خاتمو ڪري گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ معاهدو ختم ڪري اهڙو موقعو ڏنو آهي.

هن پاڪستاني حڪمرانن، سياستدانن ۽ پاڪ فوج کي سربراهه کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جاڳيل رهجو، قوم جاڳي چڪي آهي ۽ هاڻ اسان مرنداسين يا مارينداسين، اهڙو موقعو ٻيهر ڪڏهن نه ايندو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: مودي جي غلطي پاڪستان جي حق ۾ ويندي: شيخ رشيد

سندس چوڻ هو ته اڄ ڪشميرين کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ملي رهي آهي، هو 50 ڏينهن کان تڪليف ۾ گهاري رهيا آهن، انهن جي سڄي قيادت جيل ۾ آهي.

شيخ رشيد چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي ايجنڊا پاڪستان کي ختم ڪرڻ آهي، جنهن لاءِ هو واهگا جو رستو کولي ڪابل سان ڪاروبار ڪرڻ چاهي ٿو، آمريڪا وقت اچڻ تي سدائين پاڪستاني قوم کي دوکو ڏنو، تنهن ڪري اسان کي آمريڪا تي نه پر چين جي دوستي تي يقين ڪرڻ گهرجي، آمريڪا جڏهن به افغانستان جو رُخ ڪيو ته ان کي پاڪستان جي ضرورت پئي.

وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا صلح پسند شخصيتون آهن، اهي جنگ نٿا چاهين، مودي جي غلطي سان سڄي قوم ۽ سياسي جماعتون هڪ ٿي ويون آهن، جيڪو ڪشميرين سان گڏ ناهي، اهو غدار ۽ بي امان آهي، منهنجي خواهش آهي ته ڪشمير لاءِ جنگ ۾ حصو وٺان ۽ سرحد تي شهيد ٿي واپس موٽان.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو هو ته مولانا فضل الرحمان ماڻهن کي ناموس رسالت تي گڏ ڪري رهيو آهي پر هن جو مقصد ڪجهه ٻيو آهي، پ پ ۽ ن ليگ مولانا فضل الرحمان سان گڏ نٿي هلي سگھي، اڳ به چئي چڪو آهيان ته پ پ ۽ ن ليگ فضل الرحمان سان گڏ نٿا هلي سگھن.

سندس چوڻ هو ته حڪومت خلاف زهيلي پروپئگنڊا ٿي رهي آهي، وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي اڳواڻي ۾ ڪشمير جو ڪيس گھٽڻ طريقن سان اڳتي ويندو، سلامتي ڪائونسل ۾ 52 ورهين کان پوءِ ڪشمير جو مسئلو عمران خان کڻي ويو، جنگ جو فيصلو وزيراعظم ۽ آرمي چيف کي ڪرڻو آهي، پاڪستان تي حملو ٿيو ته پاڪ فوج تيار آهي، ڪنهن به حملو ڪيو ته اهو ختم ٿي ويندو. سياست ۽ جنگ ۾ پنهنجي ٽائيمنگ هوندي آهي، ڪشمير جي اندران تحريڪ اٿندي، پٿر استعمال ڪندڙ هاڻ ڪجهه ٻيو استعمال ڪندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.