اڃا ته هڪ جج پڪڙيو ويو آهي… شاهد خان عباسي ميدان تي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اڄ ثابت ٿي ويو عدالتن تي حڪومت اثرانداز ٿي رهي آهي، هي ته هڪ جج پڪڙيو ويو آهي ڪهڙي خبر هر جج بليڪ ميل ٿي رهيو هجي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي برطرفي سان ثابت ٿي ويو ته عدليا تي عمران خان دٻاءُ وڌو ۽ جج کي بليڪ ميل ڪيو، ٻه ڏينهن اڳ عمران خان چيو هو ته ارشد ملڪ جي معاملي سان حڪومت جو ڪو واسطو ناهي، اهو عدليا جو ڪم آهي ۽ اهي ئي ڏسندا پر اڄ حڪومتي ترجمانن برطرف جج ارشد ملڪ جي حلفي بيان جو بچاءُ ڪيو، جنهن سان ثابت ٿيو ته حڪومت عدليا تي اثرانداز ٿي رهي آهي.

هن چيو ته نواز شريف جي جج ارشد ملڪ سان ڪا ملاقات نه ٿي، ڇو ته نواز شريف ته جيل ۾ هو، هو ڪيئن ٿو ملاقات ڪري سگهي؟ جج ارشد ملڪ ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ته هن نواز شريف سان ملاقات ڪئي، هاڻ اعليٰ عدليا جو امتحان آهي، اسان احتساب چاهيون ٿا پر اهو احتساب نه جيڪو نيب ۽ عدالت ۾ ٿي رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته راڻا ثناءُ الله تي هيروئن رکڻ جو ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو، ٻار ٻار کي خبر آهي ته اهو ڪيس ٺاهڻ جو ڪو منطق ناهي ۽ نه ئي عقل ان ڳالهه کي تسليم ڪري ٿو، راڻا ثناءُ الله کي 12 ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو ويو، اي اين ايف سندس هڪ ڏينهن به رمانڊ حاصل نه ڪيو، انهن کي رمانڊ وٺي جاچ ڪرڻ گهرجي ها، اهو رڳو راڻا ثناءُ الله جو آواز دٻائڻ جو ڪيس آهي ۽ اهو ڪيس عوام سامهون رکيو وڃي ته حقيقتون سامهون اچي وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.