شاهد ڪپور اڪيلي سر وڏين اداڪارائن کي مات ڏئي ڇڏي

 

ممبئي (شوبز نيوز) تازو ئي بالي ووڊ جي رليز ٿيل فلم ”ڪبير سنگهه“ کي جيتوڻيڪ تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي پر ان جي ڪاميابي کان پوءِ شاهد ڪپور پنهنجو معاوضو ٻيڻو ڪري ڇڏيو.

”ڪبير سنگھه“ ۾ هيروئن کي هيرو طرفان چماٽ هڻڻ يا هيرو طرفان دڙڪا ڏيڻ تي تنقيد به ڪئي وئي هئي پر فلم باڪس آفيس تي رڪارڊ 250 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪاروبار ڪيو. فلم ۾ شاهد ڪپور مک ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته ڪيارا ايڊواني هن جي هيروئن طور ڪردار نڀايو.

جيتوڻيڪ فلم ۾ هيروئن به هيرو کي چماٽ هڻي ٿي پر ماڻهن طرفان عورت کي چماٽ هڻڻ وارو سين ڏيکارڻ تي فلم جي ٽيم کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، تنقيد باوجود فلم شاندار ڪمائي ڪئي ۽ اها شاهد ڪپور جي هن وقت تائين جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ فلم بڻجي وئي آهي.

فلم جي شاندار ڪاميابي سان گڏوگڏ شاهد ڪپور به ٻين اداڪارن جي نقش قدم تي هلندي پنهنجو معاوضو ٻيڻو ڪري ڇڏيو ۽ اطلاع آهن ته هاڻي شاهد ڪپور هڪ فلم جو معاوضو ڪرينا ڪپور، دپيڪا پڊڪون ۽ پريانڪا چوپڙا جي گڏيل معاوضي کان به وڌيڪ وٺندو.

رپورٽن موجب شاهد ڪپور ”ڪبير سنگهه“ جي ڪاميابي کان پوءِ پنهنجو معاوضو وڌائي 35 ڪروڙ رپيا ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي شاهد ڪپور نئين فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ 35 ڪروڙ وصول ڪندو پر ان حوالي سان تصديق ناهي ٿي سگھي، جڏهن ته دلچسپ ڳالهه اها آهي ته شاهد ڪپور جي هڪ فلم جو معاوضو بالي ووڊ جي ٽن سپر اسٽار اداڪارائن جي گڏيل معاوضي کان به وڌيڪ آهي.

هن وقت دپيڪا پڊڪون هڪ فلم جو معاوضو 13 ڪروڙ رپيا وصول ڪري رهي آهي ۽ هن پنهنجو معاوضو 2018ع ۾ رليز ٿيل فلم ”پدماوت“ جي ڪاميابي کان پوءِ وڌايو هو. هن وقت تائين دپيڪا پڊڪون هر فلم ڪم ڪرڻ جو 12 کان 13 ڪروڙ رپيا معاوضو وٺي رهي آهي.

اهڙيءَ ريت معاوضي جي حوالي سان ٻئي نمبر تي پريانڪا چوپڙا آهي، جنهن جو معاوضو 12 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي، پريانڪا چوپڙا 12 ڪروڙ رپين تائين معاوضو وٺي رهي آهي.

معاوضي بابت ٽئين نمبر تي اداڪارا ڪرينا ڪپور آهي، جيڪا هن وقت هر فلم جو معاوضو 10 ڪروڙ رپيا وٺي رهي آهي ۽ هن پنهنجو معاوضو فلم ”ويري دي ويڊنگ“ جي ڪاميابي کان پوءِ وڌايو هو. جيڪڏهن انهن ٽنهي اداڪارائن جو معاوضو گڏايو وڃي ته 35 کان 36 ڪروڙ رپيا ٺهي ٿو، جيڪو شاهد جي هڪ فلم جي معاوضي جي برابر آهي.

You might also like