گوتم گنڀير وري شاهد آفريدي سان وچڙي پيو…

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ڀارت طرفان والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ تي احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته ان مسئلي کي گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪيو وڃي.

گذريل ڏينهن ڀارت جي صدر رام ناٿ ڪووند آئين جي آرٽيڪل 370 کي ختم ڪرڻ جي بل تي صحيح ڪري ڇڏي هئي، جنهن کان پوءِ والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ٿي وئي آهي.

شاهد آفريدي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڪشميرين کي انهن جو جائز حق ڏيڻ گھرجي، اسان سڀني جيان هنن کي به آزادي جو حق ملڻ گھرجي.

سندس چوڻ هو ته يو اين ادارو نيٺ ڇا لاءِ ٺاهيو ويو آهي ۽ ڇو ستل آهي؟ ڪشمير ۾ انسانيت خلاف جاري بنا جواز جارحيت جو نوٽيس وٺڻ گھرجي، آمريڪي صدر کي ان سلسلي ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.

شاهد آفريدي جي ان ٽوئيٽ تي اڳوڻي ڀارتي اوپنر ۽ ڀارتيا جنتا پارٽي جي نئين چونڊيل اڳواڻ گوتم گنڀير جواب ڏيندي چيو ته شاهد آفريدي بلڪل درست آهي، هتي بنا جواز جارحيت ٿي رهي آهي، انسانيت کي لڄائيندڙ ڏوهه ٿي رهيا آهن، ان ڳالهه کي اٿارڻ تي شاهد آفريدي کي ساراهڻ گھرجي پر هو هڪ ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ وساري ويٺو آهي ته اهو سڀ پاڪستان جي ڪشمير ۾ ٿي رهيو آهي.

پنهنجي ٽوئيٽ جي آخر ۾ هن شاهد آفريدي کي پٽ چئي مخاطب ڪندي چيو ته پريشان نه ٿيو، پٽ اسان جلد ان مسئلي کي حل ڪنداسين.

You might also like