شهباز شريف جي بيان تي رد عمل اچي ويو….

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي ترجمان شهباز گل چيو آهي ته شهباز لٽيل دولت جو حساب ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويو هاڻي هو بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويو آهي.

لاهور  ۾ شهباز شريف جي بيان تي رد عمل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شهباز گل چيو ته ملڪ کي قرضن جي دلدل ۾ ٻوڙيندڙ ڪهڙي منهن سان معاشي بدحالي جي ڳالهه ڪن ٿا، حمزا شهباز کي بجيٽ تي تنقيد ڪرڻ کان اڳ تاريخي بجيٽ جي تقرير ٻڌ گھرجي ها.

هن چيو ته ن ليگ حڪومت ڏهن ورهين ۾ ڏکڻ پنجاب جا 265 ارب لٽيا آهن جڏهن ته پي ٽي آءِ حڪومت هاڻوڪي بجيٽ جو 35 سيڪڙو ڏکڻ پنجاب لاءِ رکيو آهي، ميٽرو جي پلن، روڊن کي ترقي سمجهندڙن تعليم، صحت کي پوئتي ڌڪيندا رهيا.

شهباز گل جو چوڻ هو ته شهباز شريف ملڪ مان لٽيل دولت جو حساب ڏيڻ ۾ناڪام ٿي ويو جنهن سبب هو هاڻي بوکلاهٽ جو شڪار آهي، ملڪي معيشت کي نقصان بجيٽ سان نه پر هن جي ميگا ڪرپشن ۽ ٽي ٽي سان ٿيو آهي.

سندس چوڻ هو ته ن ليگ ۽ پ پ 50 ارب ڊالر قرض وٺي پنهنجون ملڪيتون ٺاهيون، عوام ڏسي ڇڏيو ته زرداري ۽ شريف خاندان هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن، چورن جو بي نقاب ٿيڻ عمران خان جي ڪاميابي آهي، ڪرپشن جو گروهه عوام کي گمراهه ڪرڻ بدران نيب کي پنهنجن ڪرتوتن جو جواب ڏي.

You might also like