پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ٽوئيٽر کي درخواست ڪري ڇڏي….!

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي ترجمان شهباز گل ڀارت جي ڀارتي ظلمن خلاف آواز اٿارڻ تي 8 ٽوئيٽر صارفن جا اڪائونٽ بند ڪرڻ جي درخواست تي چيو ته ٽوئيٽر کي سچ سان گڏ بيهي ڀارت درخواست رد ڪرڻ گهرجي.

تفصيل موجب پنجاب جي وڏي وزير جي ترجمان شهباز گل سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڀارت طرفان 8 ٽوئيٽر صارفن جا اڪائونٽس بند ڪرڻ جي درخواست کي افسوس جوڳو قرار ڏيندي چيو ته ٽوئيٽر کي سچ سان گڏ بيهي ڀارتي درخواست کي رد ڪرڻ گهرجي.

شهباز گل هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ ناروي ۾ عيد تي مسجد تي حملو ناڪام بڻائيندڙ ستر سالن جي پاڪستان هيرو جو حوالو ڏيند يچيو ته اسان ته ريٽائرڊ آفيسر ۽ جواب به بهادري جا نوان مثال قائم ڪندا آهن، اسان کي پنهنجي فوج تي فخر آهي.

You might also like