”اهو نه وسارڻ گهرجي ته گڏيل عرب امارتن جا اسان تي ٿورا آهن“

 

ملتان ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو گڏيل عرب امارتن طرفان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي اعليٰ ترين سول اعزاز ڏيڻ تي موقف سامهون اچي ويو.

ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته گڏيل عرب امارتن جا ڀارت سان پنهنجا لاڳاپا آهن ۽ پاڪستان سان پنهنجا لاڳاپا آهن، اماراتي پرڏيهي وزير سان ملاقات جو امڪان آهي، جنهن ۾ سموريون حقيقتون سامهون رکندس، جڏهن حقيقتون سامهون اچي وينديون ته يقين آهي دبئي پاڪستان کي مايوس نه ڪندو.

سندس چوڻ هو ته عالمي لاڳاپن جو معاملو جذبن کان مٿانهون ٿي ڏسڻو پوندو، هر ملڪ کي ٻه طرفا لاڳاپا رکڻ جو حق آهي، تازو دبئي پاڪستان جي مدد ڪئي آهي، اهو کي اهو نه وسارڻ گهرجي.

هن چيو ته گڏيل عرب امارتن ۽ ڀارت ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان پراڻا لاڳاپا آهن ۽ اتي ڀارت جا ماڻهو به آباد آهن.

You might also like